اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان ڪامرا ۾ جديد ’جي 10 سي‘ فائٽر جهازن جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم ڪاڪ پٽ تي سوار ٿي فائٽر جهاز جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل باجوه ايئر چيف ۽ پائلٽ کيس بريفنگ ڏني. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ دفاعي صلاحيت ڏسي خوشي ۽ اعتماد ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، ڪو به اسان تي دٻاءُ نٿو وجهي سگهي.
هن وڌيڪ چيو ته خطي ۾ سڪيورٽي جي عدم توازن پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جي 10 سي جي شموليت ان جو جواب آهي، هن وڌيڪ چيو ته جن ان کي گندي نظر سان ڏٺو انهن کي وڏو نقصان ٿيندو، قومي آمدني ۾ اضافو، غريبن تي خرچ ۽ دفاع ۾ اضافو ٿيندو. ياد رهي ته ڀارت پاران فرانس کا رافيل وٺڻ بعد پاڪستان چين کان 6 جنگي جهاز ان جي مقابلي جا ورتا آهن. هي جنگي جهاز سمنڊ ۾ جنگي ٻيڙن کي تباهه ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.











