اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ڪاروبار ڪندڙ فري لانسرز لاءِ ٽيڪس جي ڇوٽ جو اعلان ڪيو آهي. قومي اي ڪامرس پورٽل جو افتتاح ڪندي هن چيو ته خاص ڪري نوجوانن ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي پر نظام کين اڳتي وڌڻ نٿو ڏئي. وزيراعظم عمران خان نوجوانن کي يقين ڏياريو ته حڪومت کين سموريون سهولتون فراهم ڪندي ۽ هو اڳتي اچن ۽ آءِ ٽي انقلاب جو موقعو وڃائڻ نه ڏين. هن چيو ته ان سان نه رڳو نوجوانن لاءِ آمدني ٿي سگهي ٿي پر ملڪ ۾ واپار جي فرق کي ختم ڪرڻ ۾ به مدد ملندي. پرڏيهي ناڻو وڌيڪ ڪمائي سگهبو ۽ اسين اهو ڪري ڏيکارينداسين.










