ميھڙ(غلام حسين پنھور) ٻيٽو جتوئي واسي نوجوان اسلام آباد ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو، ٻئي خبر موجب ڳوٺ ڳاڙهي ۾ هٿياربندن جي ڦر هڪ ڦورو سوگهو، ميهڙ جو ايس ايڃ او تبديل ڪيو ويو. تفصيل موجب ٻيٽو جتوئي واسي نوجوان اسلام آباد ۾ ناران ڪاغان جي ٽوئر دوران روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو، 24 سالن جو نوجوان شعيب سومرو مھراڻ يونيورسٽي سول شعبي جو سيڪنڊ ايئر جو شاگرد ھو جيڪو دوستن سان گڏ ٽوئر تي ناران ڪاغان ويل ھو جتي سندس ڪار سان حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو فوت ٿي ويو، لاش ڳوٺ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال پکڙجي وئي. سندس جي جنازي نماز ڳوٺ ٻيٽو جتوئي ۾ ادا ڪئي وئي جنھن ۾ سياسي سماجي ماڻھن شرڪت ڪئي بعد ۾ کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو*** فريدآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڳاڙهي ۾ 4 هٿيار بندن ڳوٺاڻي عبدالقيوم ڪنڀر جي گهر ۾ داخل ٿي گهر ڀاتين کي يرغمال بنائي گهر مان ڦرلٽ جي ڪوشش ڪئي جڏھن ته گهر ڀاتين جي دانهن تي ڳوٺاڻن ھڪ هٿيار بند عاشق پٽ عظيم چانڊيو کي سوگهو ڪري ورتو جنهن کي فريدآباد پوليس جي حوالي ڪيو ويو جڏھن ته ايس ايڇ او فريدآباد جو موبائل مسلسل بند هجڻ سبب ساڻس رابطو ناهي ٿي سگهيو*** ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر فرخ رضا پاران انسپيڪٽر منظور احمد مستوئي کي ايس ايڇ او ميھڙ مقرر ڪري ڇڏيو.










