موٽر وي پوليس پاران قانون تي عمل ڪرائڻ جي مهم

موٽر وي پوليس پاران قانون تي عمل ڪرائڻ جي مهم

ڪنڊيارو(ن سنڌيار) موٽروي پوليس ۽ آر ٽي اي  جي قومي شاھراھ تي سي اين جي سلينڊرن اوور اسپيڊ بغير روٽ پرمٽ ۽ ڊرائيورنگ لائسنس وارين گاڏين ۽ ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ ڊرائيورن خلاف ڪاروائي. موٽروي پوليس جي آء جي جاويد علي مھر ڊي آءِ جي فدا حسين مستوئي ۽ سيڪٽر ڪمانڊر قاسم افتخار وڙائچ جي ھدايتن تي موٽروي پوليس بيٽ اوڻٽيھ ڊي ايس پي رياض احمد ايڊمن عبدالرشيد سھتو ۽ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي سيڪريٽري سان گڏ قومي شاھراھ تي سيلنڊرن وارين گاڏين بغير روٽ پرمٽ ۽ بغير لائسنس وارين گاڏين فينسي نمبر پليٽ ڪارن شيشن ۽ ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ گاڏين جي ڊرائيورن خلاف ڪاروائي ڪئي جنھن دوران گاڏين جي ڊرائيورن مٿان ڏنڊ ھڻي گاڏين کي قومي شاھراھ تان واپس پڻ ڪيو ويو ان موقعي تي موٽروي آفيسرن ڊرائيورن ۽ مسافرن کي آگاھي ڏيندي چيو ته قومي شاھراھ تي حادثن جو سبب اوور اسپيڊ ۽ لاپرواھي آھي گھٽ عمر وارن ٻارن کي گاڏي ھلائڻ نه ڏني وڃي غلط اوور ٽيڪ اوور اسپيڊ اوور لوڊنگ کان پاسو ڪجي سفر دوران سيٽ بيلٽ ۽ ھيمليٽ جو استعمال لازمي ڪرڻ گھرجي. 

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو