بجلي، تيل ۽ دالين بعد اڄ کان پيٽرول به ساڍا 10 روپيا في لٽر مهانگو

بجلي، تيل ۽ دالين بعد اڄ کان پيٽرول به ساڍا 10 روپيا في لٽر مهانگو

اسلام اباد (بيورو رپورٽ) حڪومت اڄ کان تيل جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنهن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ ساڍا ڏهه روپيا واڌ ڪئي وئي آهي جنهن بعد پيٽرول جي نئين قيمت 127.30 روپين مان وڌي  روپيا ٿي وئي 137.79 آهي. جڏهن ته ڊيزل 12.44 روپيا في ليٽر واڌ بعد 122 روپين مان وڌي 134.48 روپيا ٿي وئي آهي. گاسليٽ جي قيمت ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي 10.95 روپيا في ليٽ واڌ بعد 99 روپين مان وڌي 110.26 روپيا في لٽر ٿي وئي آهي.

حڪومت جو چوڻ آهي ته عالمي منڊي ۾ ڪروڊخام تيل جي قيمت 85 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي جيڪا ٽن سالن ۾ بلند ترين سطح تي پهتي آهي. ياد رهي ته حڪومت گذريل ڏينهن 1.39 روپيا في يونت بجلي مهانگي ڪئي هئي. جڏهن ته يوٽيليٽي اسٽورز تي کاڃرو تيل سميت کاڌي پيتي جي شين ۾ به بيپناهه اضافو ڪيو هو. عمران خان جي ٽن سالن جي دور ۾ بجلي جي قيمت 52 سيڪڙو سراري في يونٽ ۾ واڌ ٿي آهي ۽ نون ليگ جي ساڍي 11 روپين وارو في يونٽ 18 روپيا ٿي ويو آهي. ياد رهي ته ڪالهه کاڄرو تيل، دالين، صابڻ ۽ شيمپو جا اگهه به وڌايا ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو