هڪ ارب وڻ لڳائڻ بابت تفصيل گُوگل اَرٿ تي ڏسو، وزير

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان سينيٽ ۾ سوالن جوابن جي ساهي مهل اپوزيشن کي صلاح ڏني ته بلين ٽري سونامي مهم هيٺ لڳايل وڻ گوگل ارٿ تي ڏسي سگهجن ٿا ۽ جنهن کي شڪ آهي هو گوگل تي ڏسي سگهي ٿو. سينيٽ ۾ هڪ سوال جو لکت ۾ جواب جمع ڪرائيندي چيو ويو آهي ته جون 2021 تائين  1.7 ارب وڻ پوکيا ويا آهن، ٻوٽن جي واڌ ويجهه جي شرح 75 کان 90 سيڪڙو تائين رهي آهي. جواب ۾ چيو ويو ته خيبرپختونخواه ۾  39 ڪروڙ وڻ پوکيا ويا هئا، پنجاب ۾ 6 ڪروڙ 86 لک، سنڌ ۾ 40 ڪروڙ 83 لک، بلوچستان ۾ 61 لک، آزاد ڪشمير ۾ 11 ڪروڙ، ۽ گلگت بلتستان ۾ 2 ڪروڙ 23 لک ٻوٽا پوکيا ويا. ان دوران سينيٽر پلوشا خان پڇيو ته ڪي پي ۾ وڻن کي ست سال ٿي ويا آهن، باقي صوبن ۾ به وڻن کي ٻن کان ٽي سال ٿي ويا آهن، ان ڪري وزير ٻڌائي ته ڪهڙي جاءِ تي اهي وڻ آهن ته انهن کي ڏسي اسان خوش ٿيون. ان تي پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته توهان گوگل ارٿ تي وڃي لڳايل وڻ ڏسي سگهون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو