وزيراعظم پاران عمر شريف جي پرڏيهه علاج لاءِ انتظام جو حڪم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي ڪاميڊين سيليبرٽي عمر شريف جو پرڏيهه علاج ڪرائڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان نوٽيس وٺندي انتظام ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. گذريل ڏينهن عمر شريف جو پيغام اي آر وائي تان وسيم بادامي جي شو ۾ نشر ڪيو ويو هو. جنهن ۾ هن چيو هو ته جهڙي طرح مون شوڪت خانم اسپتال ـاهڻ ۾ عمران خان جي مدد ڪئي هو هاڻي منهنجي مدد ڪري. بادامي چيو ته ڊاڪٽر چون ٿا ته عمر شريف جو علاج امريڪا، جرمني ۽ سعودي عرب ۾ ممڪن آهيم ڪووڊ جي پابندين، ويزا ۽ سفري انتظام حڪومت کي فوري ڪرڻو پوندو ڇو ته ٻن کان ٽن هفتن ۾ علاج نه ٿيو ته سندس جان کي خطرو آهي. شهباز گل چيو ته هو سعودي ۽ جرمني سفاترخانن کي سان رابطو ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو