افغانستان ۾ طالبان جي نئين دور جي شروعات، اڳتي ڇا ٿيندو؟

ليکڪ   ليز ڊوسٽ

اسان افغانستان ۾ سڀني قومن جي نمائندگي ڪندڙ حڪومت جوڙينداسين. ھي جملو طالبان جي زبانن تي گهڻي عرصي کان وٺي ٻڌڻ ۾ اچي رھيو هو. ھي واعدو تازو ئي ڪابل پھچندڙ ملان برادر بہ ڪيو ھو. ھو ڪابل پنھنجي تنظيم کي بندوقن جي مدد سان عھدن تائين پھچائڻ آيو ھو. طالبان جي ترجمان ذبيع اللھ مجاھد پنھنجي پھرين پريس ڪانفرنس ۾ چيو ھو تہ اسان پر امن طور تي رھڻ گهرون ٿا. اسان ڪا گهرو ويڙهه يا ٻاھريان دشمن نٿا چاھيون. پر طالبان تي نظر رکندڙ ماھر، غير ملڪي حڪومتون ۽ امدادي تنظيمن جا اڳواڻ سڀئي اھو چئي رھيا آھن تہ طالبان کي انھن جي قول تي نہ پرانھن جي فعل تي پرکيو وڃي. ان سان گڏ طالبان تي گهري نظر افغانين جي بہ آھي. انھن وٽ ٻيو ڪو رستو بہ ناھي سواءِ ان جي. جنھن ڏينھن ڪابل ۾ افغان عورتون بھادري سان بينرز کڻي احتجاج ڪري رھيون ھيو ۽ پنھنجي حقن ۽ نمائندگي جو مطالبو ڪري رھيون ھيون، ان ئي ڏينھن يعني 7 سيپٽمبر تي طالبان جي نئين حڪومت جو اعلان ڪيو ويو. ڇا اھو عمل ان ڳالھ کي ظاھر ڪري ٿو تہ طالبان ھاڻي ميڊيا کي سمجهن ٿا؟  ان جي اعلان سان ھي خبرون غائب ٿي ويون تہ مظاھرا ختم ڪرڻ جي لاءِ طالبان ھوا ۾ فائرنگ ڪئي، ڏنڊن سان مظاھرين کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو.

Photo Courtesy BBC

حڪومتي اعلان واري ايڏي وڏي موقعي تي طالبان ھڪ  ننڍي ۽ سادي تقريب منقعد ڪئي. ھي سيٽ اپ پريس ڪانفرنس جو ھو. پر ان شوشل ميڊيا تي ھنگامو برپا ڪري ڇڏيو ۽ جيڪي طالبان جي واعدن تي نظر رکيو پيا اچن، انھن جون اميدون واريءِ جي گهر وانگر ڊهي پيون. اعلانيل ڪابينا ۾ مختلف طبقن جي نمائندگيءَ جو نالو نشان بہ نظر نہ آيو. فقط طالبان ھئا، طالبان تحريڪ جو پراڻو ڍانچو، ان جي پراڻي ڪميشن، نائبَ ۽ اميرَ سڀني کي دنيائي حڪومت جي ڍانچي ۾ سمويو ويو آھي. ”امر بالمعروف والنھي عن المنڪر“ جي مشھور وزارت جنھن تي تمام گهڻي تنقيد ڪئي وئي، اھا بہ واپس اچي وئي آھي. عورتن جي وزارت کي ختم ڪيو ويو آھي. حڪومت ۾ گهڻي ڀاڱي پشتون آھن، صرف ھڪ تاجڪ ۽ ھڪ ھزارا جيڪي ٻئي طالب آھن ھن سيٽ اپ ۾ شامل ڪيا ويا آھن. نئين حڪومت پراڻن ماڻھن جي آھي. ھن ۾ نئين نسل جا ملان ۽ جنگجو ڪمانڊر شامل آھن. حڪومت ۾ اھي ماڻھون شامل ڪيا ويا  آھن جيڪي 90 جي ڏھاڪي ۾ طالبان جي دورِ حڪومت ۾ اقتدار ۾ ھئا. فرق بس ايترو آيو آھي جوانھن جون ڏاڙھيون سفيد ٿي ويون آھن. گونتانامو بي جا اڳوڻا قيدي، آمريڪا ۽ اقوام متحدہ جي طرفان دھشت گرد قرار ڏنل، ڪيترن ئي محاذن تي وڙھندڙ جنگجو، پاڻ کي امن پسند چوندڙ جيڪي ڪيترن ئي گاديءَ جي ھنڌن جي ميزن تي ويھندڙ ڳالھيون ڪندا رھيا آھن. اھي آھن نئين حڪومت ۾ شامل طالبان. عارضي حڪومت واري ڪابينا جو اڳواڻ ملان حسن اخوند آھي جيڪو طالبان جي باني اڳواڻن مان ھڪ آھي ۽ اقوام متحدہ جي بليڪ لسٽ ۾ بہ شامل آھي. عارضي ڪابينا ۾ وزير داخلا سراج الدين حقاني آھي. ان جي شڪل ۽ صورت  دنيا وارن ڏٺي ئي ناھي. سواءِ ھڪ تصرير جي جنھن ۾ ھن سفيد رنگ جي شال ويڙھي آھي. ايف بي آءِ ان جي سر جي قيمت پنج ملين ڊالر رکي آھي. تازو ئي ھن نيو يارڪ ٽائيمز ۾ ھڪ مضمون لکيو، جنھن ۾ ھن امن جي اپيل ڪئي آھي. ان مضمون ۾ اھو ناھي ٻڌايو ويو تہ ان جي خاندان جي مٿان رکيل نالو حقاني نيٽ ورڪ عام شھرين جي مٿان بدترين حملن ۾ شامل رھيو آھي. وزير دفاع ملان يعقوب آھي، جيڪو طالبان جي باني ۽ پھرين امير ملان عمر جو فرزند آھي. ڪابل ۾ پريس ڪانفرنس ۾ صحافين جي اڻکٽ سوالن جي دوران چيو ويو تہ ھي فقط عارضي ڪابينا آھي وڌيڪ عھدن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. ثقافتي ڪميشن جي نائب سربراھ احمد اللھ واثق منھنجي ساٿي سڪندر ڪرماني کي ٻڌايو ھو تہ اسان سڀني وزارتن ۽ نائبن جو اعلان ناھي ڪيو. ان لاءِ اھو ممڪن آھي تہ ھي فھرست وڌي سگهي ٿي. ھي اھو موقعو ٿي سگهي ٿو جڏھن پھرين صفن ۾ وڙھندڙ کي نوازيو وڃي. ان لاءِ کوڙ سارن ماڻھن ڪابل جو زخ ڪيو آھي اصل اسلامي نظام کي ڀلي ڪار چوڻ لاءِ. ھي ڍانچو وڏي غور ۽ فڪر سان ٺاھيل ٺاھ بہ لڳي رھيو آھي. ملان اخوند ڪامياب نظر اچي رھيو آھي. ڪيترن ئي ماڻھن جي اڳڪٿي ھئي تہ ملان برادر سربراھ ٿيندو، پر ھو ملان اخوند جو نائب آھي. طالبان ڳالھ ٻولھ وارو اڳواڻ شير محمد عباس ستانڪزئي نائب وزير خارجہ آھي. 20 سال پھريان بہ ان جو اھو ئي عھدو ھو. ان جو ھڪڙو جملو منھنجي ڪنن ۾ اڄ بہ گونجي رھيو آھي، جڏھن مان ھن کان ھي سوال ڪيو ھو تہ ” توھان انھن افغانين کي ڇا چوندو جيڪي اوھان جي اقتدار سنڀالڻ جي ڪري خوف جو شڪار آھن“ ، ان تي ھن پرجوش انداز ۾ جواب ڏنو ھو ” مان انھن کي چوندس تہ اسان اھڙي حڪومت جوڙينداسين جيڪا سڀني کي منظور ھجي“. لفظ سڀني تي زور ھيو. يعني روايتي اقتدار واري حڪومت. اولھ واري خيالن واري حڪومت نہ جنھن کي ھو ٽوڪين ٿا.

ھي اُھي ڏينھن ھئا جڏھن افغانين کي اميد ھئي تہ ھاڻي جنگ جو ڀوائتو حصو ختم ٿي ويو آھي. ھن ئي سال جڏھن بين الافغان ڳالھيون قطر ۾ شروع ٿيون تہ طالبان ان ڳالھ جي طرف اشارو ڏنو  ھو تہ ھاڻي ھو اسلامي امارات ٺاھڻ جو مطالبو نہ ڪندا. انھن جو چوڻ ھو تہ ھنن کي ان معاملي جي نزاڪت جي باري ۾ خبر آھي. عورتن واري مذاڪراتي گروھ سان ڳالھائيندي ھو چوندا ھئا تہ عورتون  حڪومت ۾ ڪو بہ عھدو بشمول حڪومتي وزير کڻي سگهن ٿيون، سواءِ صدر جي. اھا تڏھن جي ڳالھ ھئي، ھي ھاڻي جي ڳالھ آھي. ھاڻي طالبان اقتدار ۾ آھن. اڳوڻي اسيمبلي ميمبر ۽ اھڙيون ڳالھيون ٻڌڻ واري مذاڪراتي گروھ ۾ شامل فوزيہ ڪوفي خبردار ڪندي چوي ٿي جيڪي ماڻھو افغانستان جي سماجي جوڙ جڪ تي توجہ نٿا ڏين، انھن کي شديد مسئلا درپيش ايندا. اھڙو ئي چئلنج پوري دنيا جي گاديءَ وارن شھرن ۾ احتجاجَ جي صورت ۽ بيانن واري شڪل اختيار ڪري رھيا آھن. آمريڪي وزارتِ دفاع جو چوڻ آھي تہ دنيا افغانستان جي صورتحال باريڪ بيني سان ڏسي رھي آھي. روسي اخبار نيز اويسيمايا واري اداري جو چوڻ آھي تہ طالبان کي بين الاقوامي برادري طرفان تسليم ڪرڻ جو امڪان تمام گهٽ آھي، اھڙا چيلنج طالبان جي نوجوان نسل جي طرف کان بہ اچي سگهن ٿا. ھڪ نوجوان طالب مون کي ٻڌايو تہ اسان کي تاريخ مان سبق  سکڻ گهرجي. ان جو زور ھو تہ جيڪڏھن ھاڻي طالبان حاوي ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي تہ انھن جي حڪومت کي ٻيھر ڪيرائي سگهجي ٿو. ھڪ ٻئي نوجوان ان تي پريشاني ظاھر ڪئي ۽ چيو تہ صرف مذھبي معاملن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ماڻھن کي ايڏا وڏا ۽ اھم عھدا ڏنا پيا وڃن. عارضي ڪابينا جي اعلان کان پوءِ جلد ئي امير چيو سڀئي ٽيلنٽ وارا ۽ ھنرمند ماڻھن جي ٽيلينٽ، ان جي ڪم، ان جي رھنمائي جي اسان کي سخت ضرورت آھي. پر ان جي اعلانن ۾ ھڪ ڳالھ واضع ھئي تہ بنيادي ھدف نظام کي مضبوط ڪرڻ آھي. اسلامي امارات جي نظام کي. اھا اسان جي پھرين اوليت آھي. گذريل ڏينھن جي دوران مان ڪيترن ئي طالبان کان معلوم ڪيو آھي تہ انھن جي خيال ۾ قيادت سخت ھوندي يا نرم. طاقتور ھوائون انھن کي ڪيترن ئي طرفن ڏانھن وٺي وڃي سگهن ٿيون. دنيا جون وڏيون امدادي ايجنسيون جيڪي ھن حڪومت کي تقريبن 80 فيصد بجيٽ ڏين ٿيون، اھي پڻ باريڪ بيني سان افغان معاملن تي نظر رکيو اچن پيون. اقوام متحدہ ۾ امدادي ڪارواين جي اڳواڻ مارٽن گرفٿس مون کي ٻڌايو تہ افغانستان ۾ گهڻيو ئي مشڪلون آھن. ان جو چوڻ آھي تہ سينئر اھلڪارن ھن کان ان حوالي سان مشوارہ بہ ورتا آھن. افغانستان جا نوان اڳواڻ پوري دينا جي جھادي تنظيمن جي نظرن ۾ بہ آھن. ھو ان نئين رياست مان خوش آھن جيڪا شريعت جي پابند اسلامي طرزِ حڪومت تي جوڙي وئي آھي. اھو پڻ نظر اچي رھيو آھي تہ ھاڻي افغانستان جي ناڪام ھجڻ جا خطرا تمام گهڻا آھن. دھشت گردن جي لاءِ محفوظ جڳهن جو خطرو، انساني حقن جي پريشاني، بک ۽ غريبي، ھي سڀ ماڻھن کي ان لاءِ مجبور ڪندو تہ ھو انھن ئي ماڻھن سان گڏ ڪم ڪن جيڪي ماضي ۾ وڌيڪ ويجهو رھيا آھن. بجاءِ ان جي تہ ھو ڪو نئون مستقبل تلاش ڪن.(هي مضمون ڪابل ۾ موجود بي بي سي جي چيف انٽرنيشنل خصوصي نمائنده لکيو جيڪو جاويد سولنگي سنڌيار جي پڙهندڙن لاءِ ترجمو ڪيو.)

پهنجو تبصرو موڪليو