لاهور(ويب ڊيسڪ) مصباح الحق ۽ وقار يونس جي ڪوچنگ وارن عهدن تان هٽندي ئي فاسٽ بالر محمد عامر عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ تيار ٿي ويو. گذريل ڏينهن ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جي اعلان کانپوءِ هيڊ ڪوچ مصباح الحق ۽ بالنگ ڪوچ وقار يونس اوچتو پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، انهن جي جاءِ تي ثقلين مشتاق ۽ عبدالرزاق عارضي طور ڪوچنگ جا فرض انجام ڏيندا. هاڻ ذريعن جو چوڻ آهي ته فاسٽ بالر محمد عامر ٽيم ۾واپسيءَ لاءِ تيار آهي، هو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان ڳالهه ٻولهه ڪندو.واضح رهي ته گذريل سال ڊسمبر ۾ محمد عامر پنهنجي يوٽيوب اڪائونٽ تي تقريبن 15 منٽن جي ويڊيو ۾ ٻڌايو هو ته رٽائرمينٽ جو فيصلو جذباتي هو پر سوچي سمجهي اهو فيصلو ڪيو هو. سندس چوڻ هو ته منهنجو احسان ماني ۽ وسيم خان سان ڪو اختلاف ناهي پر رٽائرمينٽ جو سبب ٽيم مئنيجمينٽ جو رويو هو، مان مصباح الحق ۽ وقار يونس جي هوندي ٽيم ۾ نٿو رهي سگهان، ڇو ته جتي عزت نه ملندي مان اتي نه هوندس، هنن مشهور ڪيو ته مان پيسي جي ڪڍ آهيان ۽ ليگز کيڏڻ چاهيان ٿو. ايئن ناهي الزام غلط آهي.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو