مصباح ۽ وقار جي وڃڻ بعد محمد عامر ٽيم ۾ واپسي لاءِ تيار

لاهور(ويب ڊيسڪ) مصباح الحق ۽ وقار يونس جي ڪوچنگ وارن عهدن تان هٽندي ئي فاسٽ بالر محمد عامر عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ تيار ٿي ويو. گذريل ڏينهن ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جي اعلان کانپوءِ هيڊ ڪوچ مصباح الحق ۽ بالنگ ڪوچ وقار يونس اوچتو پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، انهن جي جاءِ تي ثقلين مشتاق ۽ عبدالرزاق عارضي طور ڪوچنگ جا فرض انجام ڏيندا. هاڻ ذريعن جو چوڻ آهي ته فاسٽ بالر محمد عامر ٽيم ۾واپسيءَ لاءِ تيار آهي، هو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان ڳالهه ٻولهه ڪندو.واضح رهي ته گذريل سال ڊسمبر ۾ محمد عامر پنهنجي يوٽيوب اڪائونٽ تي تقريبن 15 منٽن جي ويڊيو ۾ ٻڌايو هو ته رٽائرمينٽ جو فيصلو جذباتي هو پر سوچي سمجهي اهو فيصلو ڪيو هو. سندس چوڻ هو ته منهنجو احسان ماني ۽ وسيم خان سان ڪو اختلاف ناهي پر رٽائرمينٽ جو سبب ٽيم مئنيجمينٽ جو رويو هو، مان مصباح الحق ۽ وقار يونس جي هوندي ٽيم ۾ نٿو رهي سگهان، ڇو ته جتي عزت نه ملندي مان اتي نه هوندس، هنن مشهور ڪيو ته مان پيسي جي ڪڍ آهيان ۽ ليگز کيڏڻ چاهيان ٿو. ايئن ناهي الزام غلط آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو