ممبئي (ويب ڊيسڪ) مڙس رَاج ڪَندرا جي گرفتاري کانپوءِ پريشان بالي ووڊ اسٽار شلپا شيٺي هڪ شو ۾ ٽهڪ ڏئي کلندي رهي جنهن جي وڊيو ڏسي چاهيندڙ به کل روڪي نه سگهيا. اها وڊيو سندس مڙس جي گرفتاري کان اڳ جي آهي پر وائرل هاڻ ٿي آهي. جنهن ڪري سندس چاهيندڙن جي چهرن تي به مرڪ تري آئي آهي. ان وڊيو کي ڏسي شلپا جا پرستار سندس حياتي جي سٺن ڏينهن کي ياد ڪري رهيا آهن.










