صنعان جي گرفتاري خلاف پٽيشن داخل ڪرڻ جو فيصلو

صنعان جي گرفتاري خلاف پٽيشن داخل ڪرڻ جو فيصلو

ملير (رپورٽر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گرفتاري بعد گمشدگي خلاف سندس ڀاءُ ڪوثين خان قريشي پاران هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، پٽيشن اڄ ڪجھ دير ۾ ايڊوڪيٽ محمد خان شيخ معرفت داخل ڪرائي ويندي، پٽيشن ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون ممتاز مروت جي اڳواڻي ۾ رينجرز اهلڪار گهر ۾ داخل ٿيا، منهنجي امان ۽ مون پاران پڇا ڪرڻ تي ايس ايڇ او ممتاز مروت اسان مٿان پستول تاڻي چيو تھ زندگي پياري اٿو تھ خاموش رهو جنهن بعد سخت تشدد بعد صنعان خان کي پرائيويٽ گاڏي ۾ کڻي ويا جنهن بعد سندس ڪاب خبر نھ آھي، صنعان خان جي جان کي خطرو آھي، کيس ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو