سنڌي ادبي سنگت پاران بحريا ٽائون خلاف احتجاج

سنڌي ادبي سنگت پاران بحريا ٽائون خلاف احتجاج

دڙو (ن سنڌ يار) دڙو ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران بحريا ٽائون، ڌارين جي سنڌ ۾ آبادڪاري خلاف اديب ۽ سياسي سماجي ۽ عام سڄاڻ حلقن روڊن تي نڪري سراپا احتجاج ڪيو. دڙو ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ اوٺا جي سڏ تي ساس جي اڳواڻن عرس اوٺي، ذوالفقار علي حسين ميمڻ، دلدار شيخ، محمد يوسف ڀٽو، ڍولڻ جاني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن ٽائون ڪميٽي آفيس کان ٽيڪسي اسٽاپ ۽ پنڃاري پل تائين پرھجوم احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.ان موقعي تي بحريا ٽائون رٿا جي سازشي ھٿ ڪنڊن تحت ملڪ رياض پاران ڪراچيء جا قديمي سنڌي ڳوٺ مسمار ڪرائي اتي قبضا گيري جي ڪيل والار ھيٺ ڌارين جي ٿيندڙ آبادڪاري خلاف احتجاجي مظاھري ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن جن ۾ قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي ترجمان ڪامريڊ اشرف پليجو، رفيق بلاولي عوامي تحريڪ جو عزيز ميمڻ پ ش ڀ جو ابن خاصخيلي سميت ٻين خطاب ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو