اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اڄ 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي متحده عرب امارات(يو اي اي) روانو ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان زاهد حفيظ موجب شاهه محمود قريشي دوري جي دوران اماراتي هم منصب ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو ان بابت چوڻ هو ته پرڏيهي وزير يو اي اي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سان ملاقات ۽ انٽرنيشنل ميڊيا سان ڳالهيون به ڪندو. زاهد حفيظ ٻڌايو ته پرڏيهي وزير يو اي اي قيادت سان ملاقاتن ۾ ٻطرفن لاڳاپن بابت ڳالهيون ڪندو.ملاقاتن دوران واپار، سرمائيڪاري، پاڪستانين جي فلاح، نوڪرين جي موقعن بابت به ڳالهيون ڪيون وينديون










