اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان گريڊ 17 هين ۾ اليڪشن آفيسرن جي عهدي لاءِ 405 اميدوارن کي اسڪريننگ ٽيسٽ ۾ شارٽ لسٽ ڪري ورتو آهي. جن کي 5 مئي تي انگريزي ۾ مضمون لکڻ واري ٽيسٽ لاءِ طلب ڪيو آهي. گلگت، آزاد ڪشمير، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ڊويزن جي اميدوارن کي لکت واري امتحان ۾ اسلام آباد واري هيڊ آفيس ۾ گهرايو ويندو ۽ باقي صوبن جي امدوارن کي پنهنجي پنهنجي صوبن اليڪشن ڪميشن جي آفيسن ۾ گهرايو ويو آهي. صبح نائين وڳي هو ٽيسٽ لاءِ حاضر ٿيندا جن کي سوال ۽ جواب لاءِ ڪاپي ڪميشن مهيا ڪندي. اليڪشن ڪميشن موجب پوري ملڪ ۾ 7 مارڇ تي 100 نمبرن واري ايم سي ڪيوز واري ٽيسٽ لاءِ هڪ لک کان مٿي اميدوارن جي ٽيسٽ جو انتظام ڪيو ويو هو جنهن ۾ 55 هزار 967 اميداور شريڪ ٿيا، جن مان 405 کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي. جيڪي لکت ۾ ٽيسٽ ڏيڻ بعد انٽرويو جي مرحلي ۾ پڄندا.










