پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي

سينچورين (ويب ديسڪ) فيصلائتي ٽئين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي 28 رنز تان سڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي. ڏکڻ آفريڪا جي پوري ٽيم 49.3 اوورن ۾ 292 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ڏکڻ آفريڪا جي ٽيل اينڊرز زبردست بيٽنگ ڪئي. ان کان اڳ پاڪستان 321 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو هو. فخرالزمان مين آف دي سيريز ۽ بابر اعظم پليئر آف دي ميچ قرار ڏنا ويا. ٽن ون ڊي ميچز جي سيريز ۾ ٻنهي ٽيمن هڪ هڪ ميچ کٽي هئي. ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان جو ٽارگيٽ چيز ڪرڻ لاءِ  جينمين مَلن ۽ ايڊن مَرڪَرم اوپننگ ڪئي ۽ نائين اوور ۾ مرڪرم هڪ ڇڪي ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان سان 18 رنز ٺاهي آفريدي جي بال تي سرفراز هٿان ڪيچ ٿيو، 54 جي مجموعي اسڪور تي پهرين وڪٽ ڪري، ملن 3 ڇڪن ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 62 رنز ٺاهي حارث رئوف جي بال تي عثمان قادر هٿان ڪيچ ٿيو. هينرچ ڪلاسين 4 رنز ٺاهيون. فيلوڪوايو 54 رنز، ڪيشو مهاراج 19 ۽ ڊيرن ڊوپاولن 17 رنز ٺاهي نمايا بيٽسمين رهيا.

محمد نواز ۽ شاهين آفريدي ٽي ٽي وڪيٽون ورتيون، حارث رئوف 2، حسن علي ۽ عثان قادر هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ پاڪستاني بيٽنگ دوران امام الحق ۽ فخرالزمان 112 رنز جي اوپننگ پارٽنر شپ قائم ڪئي ته 57 رنز تي امام الحق آئوٽ ٿيو. جنهن بعد بابر اعظم ۽ فخر بهترين راند کيڏي ۽ فخر سينچري اسڪور ڪندي 101 رنز ٺاهي ڪيچ ٿيو، هن 3 ڇڪا ۽ 9 چوڪا هنيا. بابر اعظم ڪيريز تي موجود رهيو پر ٻئي پاسي رانديگر آئوٽ ٿيندا رهيا. حسن علي 11 بالن تي 3 لڳاتار ڇڪن جي مدد سان 32 رنز اسڪور ڪيون ۽ بابر اعظم ميچ جي آخري بال تي ڇڪو هڻي سينچري مڪمل ڪرڻ جي چڪر ۾ بائونڊري تي ڪيچ ٿيو ۽ پاڪستان 50 اوورز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 320 رنز اسڪور ڪيون. مهاراج 3 ۽ مڪرام 2 وڪيٽون ورتيون. شاداب زخمي هئڻ ڪري ميچ کان ٻاهر هو، سرفراز کي کيڏايو ويو هو 13 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، ليگ اسپنر عثمان قادر ون ڊي ۾ ڊيبيو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو