نائن زيرو دهشتگردي ڪيس، فيصلو 23 اپريل تي ٻڌايو ويندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي آپريشن سان لاڳاپيل 52 ڪيسن جو فيصلو محفوظ ڪيو ويو . عدالت چيو ته ڪيسن ۾ فيصلو 23 اپريل تي ٻڌايو ويندو. 11 مارچ 2015 تي رينجرز نائن زيرو تان 26 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو هو، جوابدارن تي ڌماڪيدار مادو ۽ غيرقانوني هٿيار رکڻ جو الزام آهي. گرفتار جوابدارن ۾ فيصل عرف موٽا ، عبيد ڪي ٽو ، امير سر ڦٽا، امير تيلي ۽ ٻيا جوابدار شامل آهن. پوليس موجب نائن زيرو تي آپريشن دوران 250 کان وڌيڪ مختلف قسم جا هٿيار هٿ ڪيا ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو