نوان حڪومتي آرڊيننس ۽ آئي ايم ايف

نوان حڪومتي آرڊيننس ۽ آئي ايم ايف

تحرير طفيل مگسي

تازو حڪومت آئي ايم ايف کي خوش ڪرڻ جي لاء بجلي جا اگهه مرحليوار“صرف“ 5روپيا في يونٽ وڌائڻ جو مني بجيٽ 700 ارب روپيا ڪمائڻ جي لاء پيش ڪري صدر مملڪت کان فوري منظوري وٺي آرڊيننس به جاري ڪري ڇڏيو ته جيئن عوام ۽ مخالف ڌر گوڙ نه ڪري سگهي.فقط اهو ئي نه بلڪ آئي ايم ايف جي اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري واري مطالبي کي جنهن کي ماضي جون بدنام زمانا ۽ ڪرپٽ حڪومتون به رد ڪنديون رهيون.وزيراعظم عمران خان اهو دٻاء قبول ڪندي حڪومت جي سمورن ادارن جا هٿ پير ٻڌي ڇڏيا آھن.۽ انگريز حڪومت جيان آئي ايم ايف پنهنجو وائسراء مقرر ڪرائي ڇڏيو.جنهن کان پارليامينٽ .ايف آئي اي.نيب ڪو به پڇي نه سگهندو. ايستائدن ته صدر يا وزيراعظم به ان کي نٿو  هٽائي سگهي نه پڇي سگهي ٿو.دنيا جو اهو عجيب قانون ئي نافذ رهندو.پي ڊي ايم وارا پنهنجي بقا جي جنگ وڙھي رهيا هئا ۽ حفيظ شيخ پنهنجي شڪست تي پاڪستان جي حڪومت کان پلاند وٺي رهيو هو.سو انهيء ڪاميابي آئي ايم ايف جي ڳچي ۾ وجهي ڇڏي.قوم لوڙيندي رهندي.عوام جي بدقسمتي ته ڏسو .صدر مملڪت عارف علويء اکيون ٻوٽي صحيحون ڪري ڇڏيون.پاڪستان جي سالميت ۽ معشيت آئي ايم ايف ۽ سندس نمائندن جي هٿ صرف 50 ڪروڙ روپين ۾ گروي رکي ڇڏيا آھن.بس ائين سمجهو ته پنهنجن هٿن تي ڪهاڙو ھڻي ڇڏيائين.هاڻي حڪومت آئي ايم ايف سان ڳالهيون ان جي نمائندن اسٽيٽ بينڪ جي گورنر ۽ ڊپٽي گورنرن جي منظوري سان ئي ڪري سگهبيون ۽ ڪوبه نوٽ حڪومت پاڪستان انهن جي چوڻ بنا نٿي ڇپرائي سگهي ته پوء ھر مهيني سرڪاري پگهارون ۽ پينشن باقعده ڪيئن ملندي.وفاقي حڪومت آئي ايم ايف جي شرطن تي عمل ڪندي انڪم ٽيڪس ترميمي بل جي بجاء انڪم ٽيڪس ترميمي آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو آهي.جنهن جي تحت 140 کان 150 ارب روپين تائين واري “ٽيڪس ڇوٽ “ختم ڪئي وئي آھي.جيڪو فورن نافذ ٿيندو.آرڊيننس ۾ 62  ادارن کي ٽيڪس ڪريڊٽ جي سهوليت ڏني وئي آھي.پي سي بي سميت راندين جون سموريون تنظيمون.فلم انڊسٽري جي لاء  ختم ڪئي وئي آھي.آمدني گهٽ ظاھر ڪرڻ تي ٽيڪس جو 50 سيڪڙو ڏنڊ لڳندو.دڪانن تي جن به ٽيڪس وارو پرچو گڏ نه رکيو يا ديوار تي نه هنيو ته انهن کان 5000ڏنڊ ورتو ويندو.انڪم ٽيڪس جا اثاثاجمع نه ڪرائڻ تي 5000هزار ڏنڊ پوندو.نئين آئل ريفائنري هڻڻ تي صرف مهيني جي سبسڊي هوندي.درسي ڪتابن شايع ڪرڻ واري بورڊ تي انڪم ٽيڪس نافذ ڪئي وئي آھي.ڪيترين ئي انويسٽمينٽ ڪمپنين جي نفعي تي انڪم ٽيڪس جي سبسڊي ختم ڪئي وئي آُهي.انڪم ٽيڪس آرڊيننس جي تحت فاٽا  ۽ فاناسان متعلق سبسڊي  30 جون 2023ع ۾ ختم ڪئي پئي وڃي. توانائي جي ذريعن کان بجلي جي پيداوار جي لاء سرمائيداري تي 25فيصد  ٽيڪس ڪريڊٽ ڏيڻ جي سبسڊي جي رٿ آھي ته جيئن نجي شعبي ۾ بجلي جي پيداوار وڌائي سگهجي.ملڪ ۾ تيار ٿيندڙ موبائيل فونز مينو فيڪچرز کي انڪم ٽيڪس ۽ سيلز ٽيڪس جي نظام ۾ رجسٽر ٿيڻ جي شرط سان سهوليت مشروط ڪئي وئي آھي.ٻي پاسي صدر مملڪت نپيرا ايڪٽ ۾ ترميم آرڊيننس تي به صحيحون ڪري ڇڏيون.آرڊيننس جي تحت بجلي جو استعمال ڪرڻ واري تي مختلف مرحلن ۾ مجموعي طور تي 700 ارب روپين کان وڌيڪ واڌو ٻوجھ پوندو.ان هوندي پهرين مرحلي ۾ 140 ارب روپيا واڌو وصول ڪيا ويندا.آرڊيننس جي تحت حڪومت بجلي وارن بلن تي 10 سيڪڙو سرچارج وصول ڪري سگهندي.هن سال هڪ روپيو 40 پئسا في يونٽ قيمت کي ساڍن پنجن روپين تائين في يونٽ وڌايو ويندو.ان آرڊيننس جو مطلب سرڪلر ڊيٽ مينجمينٽ پروگرام تي عمل ڪرڻو.جنهن جي منظوري وفاقي ڪابينا اڳ ئي ڏئي چڪي هئي.آرڊيننسن جي مطابق بجلي جي قيمتن ۾ واڌارو سياليانو ٽيرف ايڊجسمينٽ ۽ ڇھ ماهي ايڊجسٽمينٽ جي تحت ڪيو ويندو.واضع رهي ته ان آرڊيننس جي تحت نيپرا کي خودمختياري ملي چڪي آھي.جنهن کانپوء نيپرا بجلي جي قيمتن ۾ حڪومت جي مشوري جي بنا به ڪري سگهي ٿي.نيپيرا کان منظور ڪيل ٽيرف جو پامرادو عمل هن مهيني کان ئي ٿيندو.وڌيڪ اهو پڻ چيو ويو آھي ته بجلي جي سسٽم کي ساليانو1400 ارب روپيا حاصل ڪرڻا آھن ۽ سرڪلر ڊيٽ جي مسئلي جي حل جي لاء سرچارج لڳائڻ ضروري آھي.ڏٺو وڃي  ته مسلم ليگ(ن) جي حڪومتي دور ۾ سرچارج هڻڻ جو اختيار ختم ڪيو ويو هو.اڳتي ڏسجي ته آئي ايم ايف اڃا ڪهڙا کيل کيڏندو.جيڪو ايندڙ وقت ئي ٻڌائي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو