شعيب ملڪ ماهره خان جي ويب سيريز تي انٽري

شعيب ملڪ ماهره خان جي ويب سيريز تي انٽري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني آل رائونڊر شعيب ملڪ ڪرڪيٽ ۽ ماڊلنگ جي دنيا ۾ نالو ڪمائڻ کانپوءِ هاڻ اداڪاري جي ميدان ۾ پڻ انٽري ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستاني سپر اسٽار ماهره خان پنهنجي دوست ۽ پروڊيوسر نينا ڪاشف سان پروڊڪشن ڪمپني سلفري فلمز ذريعي هاڻ پروڊڪشن جي ميدان ۾ قدم رکيو آهي، ماهره جي پروڊڪشن ڪمپني تحت ٺهندڙ پهرين ويب سيريز ”بارهوان کلهاڙي“ آهي جنهن ۾ دانيال ظفر ۽ شاهه وير جعفري اداڪاري ڪندي نظرايندا.ان حوالي سان اداڪاره ماهره خان چيو ته آئون تمام گهڻو خوش آهيان ۽ هنن ٻنهي جي شڪرگذار آهيان جو هي ٻئي منهنجي ويب سيريز ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.

>

پهنجو تبصرو موڪليو