خانپورمهر(رپورٽآفتاب سيال) خانپورمهر ۾ ڪڻڪ خريداري سينٽرقائم نه ٿيڻ ۽ نقلي زرعي دوائن، ٻج ۽ نقلي ڀاڻ جي وڪري خلاف جميعت علماء اسلام پاران پاران سوين ڪارڪنن جي احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. خانپورمهر ۾ ڪڻڪ جا خريداري سينٽر قائم نه ٿيڻ ۽ خانپورمهرشاهپور مهر ،لنڊ بازار ۾ نقلي زرعي دوائون، نقلي ٻج ۽ ڀاڻ جي وڪري خلاف جميعت علماء اسلام ضلعي گهوٽڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مدرسه حماديه کان تعلقه پريس ڪلب خانپورمهر تائين سوين ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو مظاهري ۾ شامل جميعت علماء اسلام جي ڪارڪنن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۾ بئنر پڻ هئا جن تي ڪڻڪ جا خريداري سينٽر فوري طور قائم ڪيو، خانپورمهر سميت گهوٽڪي ضلعي ۾ نقلي زرعي دوائن ٻج ۽ نقلي ڀان جو وڪرو بند ڪيو، جا نعرا لکيل هئا ان موقعي تي جميعت علماء اسلام گهوٽڪي ضلعي جي امير ۽ ٻين اڳواڻن مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته ضلعي ۾ ڪڻڪ جو فصل لهڻ شروع ٿي چڪو آهي پر هن مهل تائين سنڌ حڪومت ڪڻڪ جا سرڪاري خريداري سينٽر قائم نه ڪيا آهن جنهن سبب آبادگار ڪڻڪ 15 کان 16 سو روپيه في مڻ اگهه تي لالچي واپارين کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن ان کان علاوه لالچي واپاري آبادگارن کان ڪڻڪ جي في مڻ تي 2 کان 3 ڪلو ناجائز ڪٽوتي پڻ ڪري رهيا آهن اڳواڻن چيو ته هاڻ بارداڻو وڏيرن، بااثر واپارين ۽ سردارن کي وڪرو ڪرڻ وارو عمل بند ٿيڻ گهرجي ۽ ڪڻڪ جا سرڪاري خريداري سينٽر قائم ڪري فوري طور آبادگارن کي بارداڻو ڏئي انهن کان ڪڻڪ سرڪاري اگهه 2هزار روپيه في مڻ جي حساب سان خريد ڪئي وڃي جي يو آء اڳواڻن چيو ته خانپورمهر سميت گهوٽڪي ضلعي ۾ نقلي زرعي دوائن، نقلي ٻج ۽ نقلي ڀاڻ جو وڪرو پڻ فوري طور بند ڪرايو وڃي ۽ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ۽ زراعت کاتي جي عملدارن کي فوري طور ڪاروائي ڪرڻ گهرجي جميعت علماء اسلام اڳواڻن چيو ته هي احتجاجي تحريڪ پوري ضلعي ۾ شروع ڪئي وئي آهي ضلعي جي سڀني شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويندو ۽ ضلعي هيڊڪوارٽر ميرپورماٿيلو ۾ پڻ نقلي زرعي دوائن جي وڪري ۽ فوڊ سينٽر قائم نه ٿيڻ خلاف جلد وڏو احتجاج ڪيو ويندو جي يو آء ڪارڪنن جي ريلي پريس ڪلب کانپوء شهر جي پنج گلي چوڪ ۾ پهتي جتي پڻ مظاھرين ڪڻڪ جا سرڪاري خريداري سينٽر قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي نقلي زرعي دوائن جي وڪري خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو










