نيب جو ملازم شهزاد اڪبر عدليه کي ليڪچر ڏيندو آهي،قاضي فائز

 اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي نظرثاني درخواستن جي ٻڌڻي دوران دليل ڏيندي چيو ته 8 هزار روپين تي نيب جو ملازم شهزاد اڪبر عدليه کي ليڪچر ڏيندو آهي. اسان بيوقوفن جي جنت ۾  نه پيا رهون. عدالت پاڻ ڏسي سگهي ٿي ته ڪارروائي ڪيتري رپورٽ ٿيندي آهي.سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس تي ٻڌڻي جي دوران قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي دليلن ۾ چيو ته حڪومتي سوشل ميڊيا بريگيڊ منهنجي خلاف ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي ۽ سوشل ميڊيا تي انسان اڪيلو پنهنجو بچاءُ نٿو ڪري سگهي. جڏهن ته صرف مون کي نه پر پوري  سپريم ڪورٽ کي گهٽ وڌ ڳالهايو پيو وڃي. منهنجي خلاف شڪايت ڪندڙ عبدالوحيد ڊوگر يو ٽيوب تي اعتراف ڪيو ته هو هڪ ٽائوٽ آهي. عبدالوحيد ڊوگر چيو ته هو  ڳجهي اداري جو ٽائوٽ آهي.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ميڊيا جي آزادي کسي پئي وڃي جيڪو ڪجهه مان هتي ڳالهائيندو آهيان ان جي ابتڙ هلايو ويندو آهي. هڪ ماڻهو کان ٻڌي ٻئي ماڻهو کي ٻڌائيندي اڌ ڳالهه وساري ويندو آهي. ان تي جسٽس عمر عطا چيو ته آمريڪا ۾ عدالتي ڪارروائي سڌو سنئون نه پر رڪارڊ تي رکي ويندي آهي. جسٽس عمر جي ريمارڪس تي جسٽس قاضي چيو ته اسان آمريڪا جا غلام ناهيون. نه ئي ان جي پٺيان هلڻ جا پابند آهيون. اسان وٽ ايمان جي طاقت آهي ۽ اسان جو اڳواڻ قائداعظم محمد علي جناح آهي، آمريڪا ۾ عوام جا حق جهڙي انداز ۾ ڏنا ويندا آهن اها سڀني کي خبر آهي.جسٽس قاضي فائز چيو ته پاڪستان کي گٽر چوڻ جي ڳالهه کي غلط طريقي سان پيش ڪيو ويو. هتي ويٺل صحافين جون خبرون، اخبارن ۽ ٽيليويزن تي نٿيون هلايون وڃن. موسمي صحافين جون خبرون ٽوڙي مروڙي پيش ڪيون وينديون آهن. معزز چيو ته مرزا افتخار جو تعلق شهزاد اڪبر سان نڪري رهيو هو ته جاچ کي روڪيو ويو. 8 هزار روپين تي نيب جو ملازم شهزاد اڪبر عدليه کي ليڪچر ڏيندو آهي اسان بيوقوفن جي جنت ۾ ناهيون رهي رهيا. عدالت پاڻ ڏسي سگهي ٿي. ڪارروائي ڪيتري رپورٽ ٿي آهي.منهنجي ڪيس ۾ فردوس عاشق اعواڻ توهين عدالت جي ڪارروائي چيو ويو. پر فردوس عاشق پنهنجي بيان تي معذرت  به نه ڪئي پر ان کي پنجاب ۾ اعليٰ عهدو ڏنو ويو آهي. جنهن کان پوءِ عدالت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو