ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ باوجود به ڀارتي اداڪاره گوهر خان شوٽنگ تي پهچي وئي.ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب اداڪاره گوهر خان هن وقت خبرن جي زينت بڻيل آهي، اداڪاره پنهنجو ٽيسٽ ڪرايو جيڪو مثبت اچي ويو.اداڪاره پاڻ کي قرنطينه ڪرڻ بجاءِ فلم جي شوٽنگ تي پهچي وئي جنهن تي هن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ممبئي ميونسپل ڪارپوريشن ان حوالي سان ٽوئيٽ ۾ چيو ته شهر ۽ عوام جي صحت لاءِ ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، ڪورونا بابت اصول سمورن شهرين تي لاڳو ٿين ٿا.










