ماهره خان پاران ‘ميرا جسم ميري مرضي’ جي وضاحت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا ماهره خان چيو آهي ته هر سال عورت مارچ ۾ ان ڪري ويندي آهيان جيئن عورتن جي حقن بابت آواز اٿاري سگهجي. هن چيو ته مونکي اهڙا مرد وڻندا آهن جيڪي عورت جي دل سان عزت ڪن. ميرا سيٺي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ‘ميرا جسم ميري مرضي’ جي نعري کي سوشل ميڊيا تي غلط رنگ ڏنو ويو آهي. اصل ۾ ان جو مقصد آهي ته جيڪڏهن ڪنهن عورت کي ڪير ڇهڻ جي ڪوشش ڪري ته هن کي حق آهي ته اها منع ڪري يا ان خلاف ڪيس داخل ڪري سگهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن تي کيس اعتراض ناهي ته اها سندس مرضي آهي. هن چيو ته عورت مارچ جو مقصد ايئن ناهي ته عورتون ڪپڙا ڦاڙي ويهنديون. عورت برابر جي شهري آهي ۽ ان کي حق ملڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو