لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب ۽ ڪي پي جي ٻن قومي ۽ 2 صوبائي تڪن تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ مڪمل ٿي وئي آهي ڳڻپ جااري آهي. اين اي 75 ڊسڪه ۽ پي پي 71 گوجرانوالا ۾ حڪمران جماعت پي ٽي آءِ ۽ نون ليگ ۾ سخت مقابلي جو امڪان، ڊسڪه جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول پولنگ اسٽيشن تي ڇڪتاڻ بعد فائرنگ سبب زخمي ٿيندڙ 5 ڄڻن مان 2 فوت ٿي ويا آهن ۽ 3 اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن. مري ويکلن مان هڪ پي ٽي آءِ ۽ هڪ مسلم ليگ (ن( جو ڪارڪن آهي. ٻنهي ڌرين هڪٻئي تي اڳرائي، ڌانڌلي ۽ فائرنگ جا الزام هنيا آهن. ڊسڪه جي قومي اسمبلي تڪ تان مسلم ليگ نون جو ايم اين اي فوت ٿيو هو ۽ هاڻي سندس نياڻي نوشين چونڊ وڙهي پئي. مريم نواز ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته پولنگ ختم ٿي وئي ڳڻپ جاري آهي، هر پولنگ تي ڪارڪن پهرو ڏين ۽ فارم 45 تي رزلٽ وٺڻ کانسواءِ ڪير به ٻاهر نه اچي. جيڪڏهن بيلٽ باڪس ڦرجن ته موبائيل سان ويڊيو ۽ تصويرون ٺاهيو. نون ليگ اڳواڻ عطاءُ الله تارڙ پاران پوليس تي 4 اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي. اين اي 45 ڪرم ايجنسي ۽ پي ڪي 63 نوشهره ۾ به پولنگ جاري آهي. رانا ثناءَ الله چيو ته پي ٽي آءِ وارن هار تسليم ڪندي هڪ ٻن پولنگ اسٽيشنز تي فائرنگ ڪري ڏهڪاءُ پکيڙيو ته جيئن ووٽر نه اچن، مان ووٽرن کي اپيل ڪريان ٿو ته هو اچن اسين سندن حفاظت ڪنداسين.










