پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ زلزلو، ٿرٿلو مچي ويو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي قبائلي علائقن، خيبر پختونخواه ۽ پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. زلزلي جي شدت 6.4 ريڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ چند سيڪنڊن تائين جاري رهندڙ زلزلي سبب خوف وچان ماڻهون گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. زلازلي جي جهٽڪن سبب رپورٽ لکڻ تائين نقصان جو اطلاع ڪٿان نه مليو هو پر جنهن شدت جو زلزلو هو ان ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو