حيدرآباد ( بيورو رپورٽ) اپوزيشن جي اتحاد پي ڊي ايم پاران حٽڙي باءِ پاس وٽ جلسو منعقد ڪيو ويو.. جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته عظيم الشان جلسي ذريعي حڪمرانن کي پيغام ڏنو آهي، اوهان عالمي برادري ۽ پاڪستان ۾ اڇي ڪاري جي مالڪن کي پيغام ڏنوآهي حڪومت اوهانجي ڌانڌلي سان نه پر عوامي ووٽ سان ٺهنديون، هي تحريڪ آهي جيڪا پنهنجي منزل تي پهچندي. مان چوان ٿو سمنڊ موجون هڻي نه ٿڪبيون، مڇيون تري تري نٿيون ٿڪن ايئن سياستدان ۽ ڪارڪن به ڪون ٿڪندا. تحريڪون حوصلن سان هلنديون آهن ۽ جيسين هنن نا اهلن کي ٻاهر نٿا ڪڍون تيسين ماٺ نه ڪنداسين. هن چيو ته اوهان دفاع جو ڪم ڪريو، ڌانڌلي ٿي آهي، اوهان غلطيون ڪيون آهن انهن جي معافي وٺڻي پوندي. اوهان ڪنهن کي شڪست ڏني، ڪنهن تي فتح حاصل ڪئي، اوهان ڪشمير فتح ڪريو اکين تي ويهارينداسين پر جيڪڏهن عوام کي شڪست ڏئي فتح جو اعلان ڪندا ته اهو ٿيڻ نه ڏينداسين،

اسين آئين جي بالادستي تائين سک سان نه ويهنداسين. مولانا چيو ته اسين جمهوريت ۽ سياست سمجهون ٿا، پرائمري اسڪول وارا ناهيون، سياست ڪرڻي اٿو ته اسانجي شاگردي ڪرڻي پوندي، اسين قوم جي ووٽ جي حق جي جنگ ٿا وڙهون. جهڙي طرح 2018 ۾ رٿا بندي سان ڌانڌلي ٿي سينيٽ جي چونڊ ۾ به ڌانڌلي ڪرڻ چاهين ٿا. مان احترام سان عدالتن کي چوان ٿو ته پاڻ کي تڪراري نه بڻائين آئيني ترميم پارليمان تي ڇڏي وڃي. عمران خان ٻڌو تون اسانجي احتساب جي شڪنجي ۾ آهين، جان ڇڏائي پوءِ ڳالهائجان، نيب فوج ٺاهيو، مشرف ٺاهيو سياستدانن کي هيسائڻ لاءِ ٺاهيو هو. هن چيو ته اڄ نئون انڪشاف ٿيو آهي ته فارين فنڊنگ جو پيسو بني گالا جي ملازمن جي نالي آيو، ڪجهه ته شرم ڪريو. ڪرپشن ۽ چورن جو سردار تون، هندوستان ۽ يهود کان پيسو وٺندڙ تون ۽ الزام اسان تي ٿو هڻين توکي شرم نٿو اچي. اسين حڪومت ۽ نيب کي بي وس ڪنداسين، هنن جو پيءُ به اسانجو احتساب نٿو ڪري سگهي جيسين حڪمرانن جو احتساب نٿوڪري . هن انڪشاف ڪيو ته داسو ۾ احتجاج ڪندڙن تي اوهان گوليون هلايون آهن. وڪيل، ڊاڪٽر، سراري ملازم، استادن سميت هر شعبي جا ماڻهو احتجاج پيا ڪن، اسين انهن سان گڏ آهيون. هن چيو ته 26 مارچ تي پوري پاڪستان مان لانگ مارچ جا قافلا نڪرندا جيڪي اسلام آباد ۽ پنڊي ويندا ۽ حڪمرانن کي سڪل پتن وانگر لوڙهي ويندا.پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جا ترانا وڄائي استقبال ڪيو. هن حيدرآباد واسين کي ڀرپور مبارڪباد ڏيان ٿو جن پي ڊي ايم جي تاريخ جو وڏو جلسو منعقد ڪيو آهي.

حيدرآباد هميشه سڀني ڊڪٽيٽرن جو مقابلو ڪيو ڇو ته سڀ هتان وارن کان ڊڄندا هئا. ضياءَ الحق هتان جي شاگردن کان ڊڄندو هو ۽ اهوائي سبب آهي ته شاگرد يونين تي پابندي لڳائي هئي. اڄ ناجائز ۽ نالائق وزيراعظم به اوهان کان ڊڄي ٿو. هو چوي ٿو ته سنڌ اسانجو صوبو ناهي، پوءِ ڪنهن جو آهي؟ هن کي سنڌ ۽ عوام نه گهرجي پر ٽيڪس جو پيسو، ڪوئلو ۽ ٻيٽ گهرجن ٿا. هو صرف اوهانجي حقن تي ڌاڙا هڻڻ ڄاڻي ٿو.هن چيو ته شاگرد هجن يا هاري، مزدور هجن توڙي غريب سڀ پريشان آهن، هن ايتري غربت، بي روزگاري ۽ مهانگائي جو طوفان آندو آهي. هي غريب دشمن حڪومت هر اهو فيصلو ڪيو آهي جيڪو غريب دشمن آهي، اميرن کي رليف ڏي ٿو عوام جو گرهه کسي ٿو.

ڇا اوهان کي هڪ ڪروڙ مان هڪ نوڪري ملي آهي، هي ساڳيو ڪوڙو آهي جنهن چيو هو ته 50 لک گهر ٺاهيندس ڪو هڪ گهر ٺاهيو؟ آبادگار پريشان آهن، پر هي سبزيون ۽ڪڻڪ به ٻاهران ٿو گهرائي، هن ايترو قرض ورتو آهي جنهن جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملي، هي نالائق ۽ نا اهل شخص آهي، ٽرانسپيرنسي وارا چون ٿا ته عمران حڪومت ۾ ڪرپشن وڌي آهي پر هن کان ڪو نٿو پڇي. بي آر ٽي، مالم جبا، سلائي مشين ۾ ڪرپشن، پاپا جونز پيزا ۾ ڪرپشن پر ڪير هن کان نٿو پڇي. هاڻي چون ٿا ته سياست ۾ فوج کي نه گهليو، مان پڇان ٿو اوهان کي ڪير ٿو گهلي، اسين چئون ٿا ته سياست کان پري رهو، هر ادارو پنهنجي قانوني دائري ۾ رهي ڪم ڪري. سياست ۾ آڱر پڪڙي سيٽون کٽڻ جو ڪير چوندو آهي، گلگت جي چونڊ ۽ سينيٽ جي چونڊ لاءِ ڪير ٿو چوي؟ اسانجو ته بيانيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سياست کان پوئتي هٽي، هر ادارو پنهنجو ڪم ڪري، سياست سياستدانن کي ڪرڻ ڏيو. طاقت جو سرچشمو عوام آهي ۽ هن ناجائز وزيراعظم کي ٻڌائينداسين ته عوامي حڪومت ڇا هوندي آهي. مارچ ۾ مارچ ٿيندو ۽ هنن کي ڀڄائينداسين، مان ڪراچي مان قافلو وٺي نڪرندس ۽ سڀ فيض آبد، ۽ آبپاره چوڪ ۽ دي چوڪ تي ملنداسين ۽ ناجائز حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪنداسين. پشتونخواه ملي عوامي پارٽي جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي چيو ته پي ڊي ايم پاڪستان جي تشڪيل نو لاءِ ٺاهيو آهيو، اهڙو پاڪستان هجي جنهن ۾ سڀني کي برابر جي بنياد تي عزت ڏني وڃي، حق ڏنا وڃن، جيسين سنڌ، بلوچستان، پٺاڻ، پنجابي، سرائڪي زندو باد نه هوندا پاڪستان زندو باد نه ٿيندو.

بلوچستان تي حق بلوچن جو آهي، سنڌ ڌرتي جي وسيلن تي سنڌي ماڻهو جو حق تسليم ڪندا ته پاڪستان زندو باد ٿيندو، ايئن ڪو نه ٿيندو جيئن اوهان ڪندا آيا آهيو. هن چيو ته هي اسانجون واريون لڳائيندا هئا ۽ پوءِ گاريون ڏيندا هئا، جهڙي نموني بينظير ۽ نواز شريف وزيراعظم رهيا بلاول اهڙو وزيراعظم نه ٿجان، پارليمان مظبوط هوندو ته پاڪستان مظبوط ٿيندو. هن چيو ته چئني صوبن ۾ اهڙا خاندان آهن جيڪي انگريزن کان وٺي عمران تائين جي حڪومت جو حصو آهن، هنن وٽ ڪهڙي گدڙ سنگهي آهي، هي وطن فروش آهن. هن چيو ته هي کوٽا سڪا آهن انهن سان ملڪ نه هلندو، اڄ سڀني کي واعدو ڪرڻو پوندو ته فصلي ٻٽيرن کي ڪا جماعت قبول نه ڪندي. هن چيو ته فوج عزيز آهي پاڪستان انهن کان وڌيڪ عزيز آهي، هڪ مهرباني ڪريو فوج ۽ آءِ ايس آءِ سياست ۾ مداخلت نه ڪري. آءِ ايس پي آر وارا چون ٿا ته سياست ۾ مداخلت نه ڪندا، مولانا ۽ بلاول جي ايڇ ڪيو وڃو هنن کي قرآن تي هٿ رکايو، پي ڊي ايم احتجاج معطل ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته عمران خان اسمبلي ٽوڙي نئين پاڪستان لاءِ ڳالهين لاءِ تيار آهيون. جلسي کي خطاب ڪندي مسلم ليگ (ن) جي سينئر نائب صدر اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته اسين ملڪ ۾ آئين جي حڪمراني چاهيون ٿا، پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن وٽ 70 سيڪڙو ملڪي مينڊيٽ آهي.

هي هائبرڊ حڪومت عوام تي ظلم ڪري رهي آهي. ارڙهين ترميم ۾ صوبن کي مليل حق واپس وٺڻ نه ڏينداسين، اهو اسنجو واعدو آهي ته اسين سڀ هڪ نقطي تي متفق آهيون ته پاڪستان کي آئين مطابق هلائڻو آهي، اڄ پارليمان مفلوج آهي، جنهن ۾ ملڪي مسئلن بابت نٿو ڳالهائي سگهجي. اسين پاڪستان م جمهوري، آئيني ۽ پارليماني نظام واپس آڻڻ چاهيون ٿا.

عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ شاهي سيد خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سنڌين جي آهي. هن چيو ته پاڪستان ته ٺهيو پر پاڪستاني قوم نه ٺهي سگهي، اسين قوميتن ۾ ورهايل آهيون. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ سميت سڀ ادارا هڪٻئي جي اختيارن تي قبضو ڪن ٿا، سپريم ڪورٽ جا جج ماتحت عدالتن جو دورو ڪرڻ کي توهين سمجهن ٿا، هن چيو شهيد ڀٽو کي قتل ڪيو، پي پي کي ٽوڙڻ لاءِ ايم ڪيو ايم ٺاهي هنن کي جعلي مينڊيٽ جي اجازت ڏني، ڇا آءِ ايس آءِ، ايم آءِ وارا انڌا هئا جڏهن ايم ڪيو ايم ٺپا هڻندي هئي. را جي ايجنٽ الطاف کي ڇوٽ ڏني، اوهان جي غلطي هئي ۽ پوءِ چئو ٿا ته سياست م نه گهليو؟ سڀني خرابين جا ذميوار اوهان پاڻ آهيو. هن چيو ته عمران خان جيڪا بيگار ڪيمپ ۾ نوڪري ڪري پيو ان ۾ اسان به ڪئي پر ذلالت ملي، عمران عزت چاهين ٿو ته اسٽيبلشمينٽ کي ڇڏي پي ڊي ايم ۾ شامل ٿيو.

بي اين پي (مينگل) جي اڳواڻ سينيٽر جهانزيب جمال ديني چيو ته ايڏو وڏو جلسو منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته سون اپائيندڙ بلوچستان، 70 سالن تائين ملڪ چلها ٻاريندڙ بلوچستان تباهه حال آهي. اسانجا ماڻهو ايترا دربدر آهن ته عيد تي ٻارن کي نئين چپل نٿي ملي. اسانکي ڪجهه نه گهرجي پر پنهنجو حق گهرجي. هن چيو ته موجوده حڪومت ڌڪي تي هلي رهي آهي، هو چوي ٿو ته اين آر او نه ڏيندس، ڪمبخت توکان گهري ڪير ٿو؟ هر برائي ماضي جي حڪمرانن تي هڻي ٿو توهان پاڻ ڇا ڪيو آهي، سڄو ملڪ احتجاج ٿو ڪري. اسين ته منڍ کان چئون ٿا ته سياست ۾ فوج جو ڪم ناهي هي هاڻي چون ٿا. هن چيو ته لاهور ۽ اسلام آباد جي سجاوٽ منهنجي دولت سان ڇو ٿا ڪريو؟ هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، مرتضيٰ ڀٽو، شاهنواز ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو هن خاندان سان ظلم ٿيو آهي پوءِ به همت آهي هنن جي جو سياست ڪن ٿا. اسين اوهان سان گڏ آهيون پر اقتدار ملي ته بلوچستان کي نه ڀلائجو. هن چيو ته اسانجو نوجوان اڳتي نڪري ويو آهي ايئن نه ٿئي ته معاملو اڳتي وڌي وڃي. هن چيو ته اسانجو سون چون ٿا وفاق جو آهي مان کيوڙا جي کاڻ جو پڇان ٿو ته چون ٿا پنجاب جي آهي. هن چيو ته نظام بدلائڻو آهي ۽ پي ڊي ايم اميد جو آخري ڪرڻو آهي، جيڪڏهن پروگرام تان ڦري ويا ته تاريخ اوهان کي ڪڏهن معاف نه ڪندي.

پنڊال ۾ وڏي تعداد ۾ عورتون به موجود هيون، بلاول جي شان ۾ نوان گيت به وڄايا ويا، بينظير جا لال الله بادشاهه ڪندئي، بختاور ۽ آصفه جا ڀاءُ بلاول تو ۾ عوام جو آهي ساهه، نيشنل پارٽي جي سربراهه عبدالمالڪ بلوچ چيو ته مزدورن کي ماني نٿي ملي، شاگرد يونين ۽ ميڊيا تي پابندي آهي، هن چيو ته هر دفعي اليڪشن نه پر ٺپا ماري ٿي آهي، جيسين هن ملڪ ۾ سليڪٽر کي سوچڻو پوندو، هاڻي ايئن ڪرڻ ڏينداسين، هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان خلاف سازشن تي پي ڊي ايم احتجاج ڪيو آهي، ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته مشرف جيڪا باهه بلوچستان ۾ لڳائي اڃا ٻري پئي، بلاو کي عوامي سمنڊ جيڏو جلسو منعقد ڪرڻ تي مبارڪ ٿو ڏيان. هن چيو ته طاقت ور قوتون جيڪڏهن آئين کي نٿيون مڃن ته سڀاڻي عوام به نه مڃيندو پوءِ ڇا ٿيندو؟










