پنجاب جي قبضا گيرن کان 210 ارب جي زمين واپس

پنجاب جي قبضا گيرن کان 210 ارب جي زمين واپس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار طرفان نواز ليگ جَي 36 ماڻهن سميت پنجاب ۾ قبضو ڪيل سوين ڪنال زمين جنهن جي ماليت 210 ارب رُپيا آهي، خالي ڪرائي وئي آهي. اهڙو اظهار وزيراعظم جي مشير شهزاد اڪبر پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن ٻڌايو ته مسلم ليگ جي 36 اڳواڻن جي قبضي مان خالي ڪرايل زمين جي قيمت 24 ارب روپيا آهي. هن ٻڌايو ته اڪثر اڳواڻن ۽ وڏن ماڻهن جي فرنٽ مينز جي نالي تي الاٽ ٿيل هئي. سرڪاري زمين تي کوکر ڀائرن جو قبضو ختم ڪرايو ويو، دانيال عزيز جي قبضي مان اڍائي ارب ۽ خرم دستگير جي قبضي مان 9 ڪروڙ رُپين جي ماليت واري سرڪاري زمين ڇڏائي وئي، نواز ليگ اڳواڻ چوڌري تنوير تي هڪ ارب رُپين تائين سرڪاري زمينن تي قبضا ڪرڻ جو به الزام، ميان جاويد، چوڌري شير علي، مائزه حميد جي مڙس، جاويد هاشمي جي ناٺي کان به ڪروڙن جي زمين خالي ڪرائي وئي آهي. اڍائي سالن ۾ اسين اهو سڀ ڪجهه ڪيو آهي. شهزاد اڪبر چيو آهي ته نواز شريف جو ڪوبه سياسي نظريو نه آهي، سپريم ڪورٽ به نواز شريف لاءِ مافيا جو لفظ استعمال ڪيو، اپوزيشن سياسي انتقام جي واويلا ڪري رهي آهي، پي ڊي ايم جا وڏڙا اين آر او چاهين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو