نقلي زرعي دوا جي استعمال سبب ڪڻڪ جو فصل تباهه

خانپورمهر(رپورٽ آفتاب سيال) خانپورمهر لڳ ڳوٺ علي مهر ۾نقلي زرعي دوا ايڊجوئينٽ، قلندر ۽ سينٽرڪ جي استعمال سبب پنج ايڪڙ تي بيٺل ڪڻڪ جو فصل مڪمل طور سڙي تباهه ٿي ويو آهي. ڳوٺ علي مھر جي رھواسين آبادگارن  منير احمد مھر، رفيق احمد مھر، جاويد علي مھر، اسدﷲ مھر سميت ٻين آبادگارن گهوٽڪي جي غله منڊي جي  زرعي  ڊيلر ۽ فور برادر ڪمپني جي سيلز آفيسر خلاف احتجاج مظاهرو ڪندي نعري بازي ڪئي ،  ان موقعي تي متاثر آبادگارن  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڪڻڪ جي گند کي ختم ڪرڻ لاء زرعي  دوا گھوٽڪي جي ڊيلر کان فور برادر ڪمپني جي سيلز آفيسر جي چوڻ تي خريد ڪري ڪڻڪ کي اسپري ڪيوسين ته گند ختم ٿيڻ بدران  ڪجهه ڏينهن اندر پنج ايڪڙن  تي بيٺل اسان جو ڪڻڪ جو فصل مڪمل سڙي تباھ  ٿي ويو آهي جنهن سبب اسان غريب ھاري پريشان ٿي ويا آهيون اسان جو لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي آبادگارن چيو ته  اسان جو گذر سفر فصل تي آهي انهن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان دوا جي اسپري سبب سڙي ويل ڪڻڪ بابت سيلز آفيسر کي آگاھ ڪيوسين جنهن کانپوءِ انهي پاڻ سرزمين اچي سڙي ويل ڪڻڪ ڏسي اھو اعتراف ڪيو ته بلڪل اوهان کي نقلي زرعي دوا ڏني وئي آهي جنهن سبب اوهان جي فصل جو ڪافي نقصان ٿيو آهي اوهان کي نقصان ڀري ڏينداسين  اسان اوهان جي نقصان جو ازالو ڪرڻ لاءِ تيار آھيون پر ھاڻي سيلز آفيسر توڙي ڊيلر پنهنجي ڳالهه تان ڦري ويا آهن ۽ اسان کي خاموش رهڻ لاء ڌمڪائي رهيا آهن  جنهن سبب اسان تمام گهڻا پريشان آھيون احتجاجي مظاهرو ڪندڙن ڊي سي گھوٽڪي، ڊائريڪٽر ايگريڪلچرل توڙي اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته نقلي دوا جي اسپري سبب اسان کي لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي جيڪو اسان کي ڀري ڏنو وڃي   ۽ فور برادر ڪمپني جي سيلز آفيسر ۽ ڊيلر خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته وري جئين ڪنهن ٻئي غريب ھاري جو نقل دوا جي اسپري سبب فصل تباهه ٿيڻ کان بچائي سگهجي آبادگارن چتاء ڏنو ته اسان جي فصل جو نقصان ڀري نه ڏنو ويو ته اسان عدالت ۾ وينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو