مراد شاهه ۽ علي زيدي جي وزيراعظم کي هڪ ٻئي جي شڪايت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جو وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ وفاقي وزير علي زيدي آمهون سامهون ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ ٻنهي اڳواڻن وزيراعظم کي هڪ ٻئي جون شڪايتون ڪري ڇڏيون آهن.وفاقي وزير علي زيدي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ مراد علي شاهه سان سخت لهجي ۾ ڳالهيون ڪيون جنهن تي مراد علي شاهه وزيراعظم عمران خان کي خط لکيو جنهن ۾ هن چيو آهي ته علي زيدي اجلاس ۾ پارلياماني زبان ۽ رويي جو لحاظ نه ڪيو. علي زيدي اجلاس ۾ سڀني جي سامهون وڏي وزير سان نامناسب رويو اختيار ڪيو ۽ هو ان کان اڳ به وڏي وزير سان نامناسب رويو اختيار ڪري چڪو آهي.خط ۾ چيو ويو آهي ته رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهو رويو روايتن جي خلاف آهي. اجلاس ۾ علي زيدي انتهائي تڪبر ۽ غرور سان وڏي وزير کي مخاطب ڪندو رهيو. مراد علي شاهه چيو ته خط جي ذريعي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهيان ان ڪري ايندڙ اجلاس ۾ علي زيدي سنجيدگي جو مظاهرو ڪري.هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي وڏي وزير جي شڪايت کان پوءِ وفاقي وزير علي زيدي به ان معاملي تي وزيراعظم کي جوابي خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مراد علي شاهه اظهار جون حدون اورانگهي وزيراعظم کي خط لکيو آهي  سندس خط هن جي دماغ ۾ ويٺل بنا جواز تڪبر ۽ غرور جي عڪاسي آهي. خط ۾  وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ ترقياتي سرگرمين لاءِ نگران ڪميٽي کي ٺهندي 6 مهينن کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. ڪميٽي ۾ صوبائي حڪومت، اهم وفاقي ۽ صوبائي ادارن جا ذميوار ۽ 3 وفاقي وزير به آهن. سنڌ سائڊويسٽ مينجمينٽ بورڊ ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي منتقلي بابت پڇڻ تي مراد علي شاهه ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. خط ۾ علي زيدي چيو آهي ته وڏو وزير 6 مهينن کان ان  ادارن کي هيٺين سطح تائين منتقلي جي رستي ۾ رنڊڪ آهي. ڪراچي جو ڪچرو ڪيئن کڻڻو آهي ۽ نالا ڪيئن صاف ڪرڻا آهن ان تي ڪمپني کي  ڪيترائي اجلاس به گهرائڻا پيا. شهرين جي بنيادي سهوليتن بابت گهرايل اجلاس ۾ مراد علي شاهه جي نااهلي ۽ شرمناڪ ناڪام ٿيڻ جون نشانيون آهن ان ڪري مراد علي شاهه وفاقي حڪومت ۽ قوم سان ڪيل واعدن جي پاسداري جو پابند بڻايو وڃي.علي زيدي پاران لکيل خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪميٽي جو ميمبر هجڻ سبب منصوبن تي اڳڀيرائي ۽ دير بابت سوال پڇڻ منهنجو بنيادي حق آهي. هڪ دفعو وري به سنڌ جي وڏي وزير جي رويي ۽ عمل جي سخت مذمت ڪريان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو