ڪميشن پاس وٽنري ڊاڪٽرن جو نوڪري نه ملڻ خلاف احتجاج

سانگھڙ (رپورٽ نادر بڙدي) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ باوجود نوڪري نه ٿي ملي وٽنري ڊاڪٽرن جو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪندڙ ڊاڪٽرن پاران پريس ڪلب سانگھڙ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي ڊاڪٽر عبدالرحمن لغاري، ڊاڪٽر مڪيش ڪمار موتياڻي، محمد اسماعيل بروهي، ڊاڪٽر عبدالله مري ۽ ٻين چيو ته اسان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏنو ۽ پنھجي محنت سان امتحان پاس ڪيو پر اڃان تائين سنڌ حڪومت نوڪري ناهي ڏني اسين ميرٽ تي آيل آھيون پر ان باوجود اسان کي پريشان ڪيو پيو وڃي، ھنن چيو ته سنڌ ۾ 760 نوجوانن ميرٽ تي چٽا ڀيٽي جو امتحان پاس ڪيو ۽ اسان اڃان تائين بيروزگار ويٺا آھيون مظاھرين لائيو اسٽاڪ کاتي جي وزير باري پتافي ۽ وزير اعلي سنڌ کان مطالبو ڪندي چيو ته وٽرنري ڊاڪٽر جو امتحان پاس ڪندڙ سمورن نوجوانن کي بنا دير ڀرتي ڪيو وڃي .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو