ملڪ ۾ ڪورونا جا 48 مريض فوت18 سئو نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)پاڪستان ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ18 سئوماڻهن  ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي. جڏهن ته 48 ڄڻا فوت ٿي ويا.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان ڪورونا جي تازن انگن اکرن موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1 هزار 772 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي جڏهن ته 48 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 5 لک 24 هزار 783 ٿي ويو آهي جڏهن ته صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 78 هزار 517 ٿي ويو آهي.اين سي او سي موجب سنڌ ۾ 2 لک 37 هزار 308، پنجاب هڪ لک 50 هزار 889، خيبرپختونخواهه 64 هزار 78، بلوچستان ۾ 18 هزار 640 ڪيس، اسلام آباد 40 هزار 304، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 892 ڪيسز رپورٽ آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 8 هزار 672 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو