حڪومت جي خاتمي تائين پي ڊي ايم تحريڪ جاري رهندي،مولانا

اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت کي ناجائز قرار ڏيندي ان جي خاتمي تائين تحريڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪيوآهي . اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ۾ هن جو چوڻ هو ته اسان اها جدوجهد ڪري قوم کي ان ڪرب مان ڪڍنداسين. پاڪستان جي روشن مستقبل جي لاءِ اڄ سياسي قيادت گڏ ٿي آهي. اسان انهن جو پيڇو ڪنداسين، حالتن ۾ گرمي آڻينداسين،سر مٿي کڻي هلڻ اچي ٿو سرجهڪائڻ نٿو اچي.

پهنجو تبصرو موڪليو