مونيڪا کي ٽارگيٽ بڻائي اجمتاعي زيادتي بعد قتل ڪيو،رپورٽ

سکر/خيرپور(نمائندن وٽان)پيرڳوٺ ۾ مونيڪا لاڙڪ کي ٽارگيٽ بڻائي اجمتاعي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪيو هيو هنن چيو ته هي ڪو حادثاتي واقعو ناهي هن واقعي مک جوابدار عبدالله لاڙڪ ڪيس ۾ وڌيڪ اهم انڪشاف ڪيا آهن  ڪيس ۾ ڪنهن وڏي شخصيت جو ملوث هجڻ  جي ڪابه ڳاله ظاهر ناهي ٿي ايڊيشنل آءِ جي سکر ڪامران فضل، ڊي آءِ جي فدا حسين مستوئي ۽ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي  طرفان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي وئي  پوليس آفيسرن موجب مين  جوابدار جي نشاندهي تي گرفتار ٻه ڄڻا سليم شر ۽ منصور شر کان جاچ هلندڙ آهي مونيڪا لاڙڪ ڪيس ۾ قتل، اجتماعي زيادتي، لاش لڪائڻ ۽ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو