شلپا شيٽي گهر ۾ سائيون ڀاڄيون پوکي ڇڏيون

ممبئي( ويب ڊيسڪ)هالي ووڊ جي فٽنس ڪوئين شلپا شيٽي صحت کي برقرار رکڻ لاءِ گهر ۾ سائي ڀاڄي پوکڻ لڳي آهي.تازو اداڪاره ٻڌايو ته هوءَ سلاد استعمال ڪندڙ سائي ڀاڄي پاڻ پوکيندي آهي، شلپا شيٽي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجي گهر اندر ٺاهيندڙ هائيڊرو فونڪ فارم جو هڪ منظر شيئر ڪيو جتي هن روزاني جي خوراڪ ۾ استعمال ٿيندڙ شيون پوکيون آهن.شلپا شيٽي پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ ٻڌايو ته توهان جيڪو کائو ٿا اهوئي نظر اچو ٿا ۽ هاڻ مون خالص خوراڪ جو ذريعو ڪڍي ورتو آهي، هاڻ منهنجو پنهنجو هائيڊروفونڪ فارم آهي جتي آئون پنهنجي سلاد لاءِ 25 ڏينهن ۾ پاڻ سائي ڀاڄي پٽي استعمال ڪندي آهيان. 

پهنجو تبصرو موڪليو