اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ڪورونا وائرس جي عالمي وبا سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 46 ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن ته 3هزار097 نوان ڪيس پڻ رپورٽ ڪيا ويا آهن پاڪستان ۾ ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ مطابق سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 4هزار157 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 3هزار097 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته 46 مريض وائرس فوت ٿيا آهن.سرڪاري رپورٽ مطابق ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو ڪل تعداد 10هزار818 آهي ۽ ڪيسن جو ڪل 5لک11هزار921 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 33تعداد 869 آهي.ان کان علاوه سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 2هزار284 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن صحتياب ٿيندڙن جو ڪل تعداد 4لک67هزار223 ٿي ويو آهي.سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک30 هزار718 تي پهچي ويو آهي جڏهن ته هينئر تائين 3هزار744 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک47هزار292 آهي ۽ وائرس سبب 4هزار348 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 18هزار488 آهي ۽ فوتين جو ڪل تعداد 188 آهي.خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا ڪيسن جو ڪل تعداد 62هزار377 آهي ۽ 1هزار752 ماڻهو فوت ٿيا آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ڪورونا ڪيسن جو ڪل تعدادا 8هزار540 آهي ۽ 236 مريص فوت ٿيا وياآهن.گلگت بلتستان ۾هينئر تائين 4هزار882 ڪورونا ڪيس رڪارڊ ٿيا آهن آهن ۽ 101 مريض فوت ٿي ويا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 39هزار624 آهي ۽ هن وقت تائين 449 مريض فوت ٿي چڪا آهن.
