عام واهپي جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو عوام پريشان

نوشھرو فيروز ) رپورٽ منظور ملڪ(نوشهرو فيروز ضلعي اندر نئين سال جي آمد تي عام واهپي جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿيو آهي. کنڊ ، کاڄرو تيل ، مرغي ، مڇي ، خشڪ فروٽ ، سبزين ۽ فروٽ جي اگهه ۾ واڌ ٿي وئي آهي  عوام سخت پريشان آهي. منافي خور دڪاندارن ۽ واپارين کنڊ اسٽاڪ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ، ضلعي انتظاميا خاموش خبر موجب نوشهري فيروز ضلعي جي مختلف علائقن  ڀريا روڊ ، ڀرياسٽي ،ڪنڊيارو، مورو ، محرابپور ،نوان جتوئي درياخان مري ، پڊعيدن ، اندر نئين سال 2021 جي آمد ۽ پيٽرول اگهن ۾ واڌ بعد  کاڌي پيتي جي شين  رڪاڊ واڌ ٿي وئي آهي ، ان سلسلي ۾ پاران گڏ ڪيل ڄاڻ موجب کنڊ جو 50 ڪلو گرام جو ڪٽو جيڪو پهريان 3500 سو روپيا ۾ ملندو هو هاڻ اهو عام دڪاندار کي 4100 سو روپين ۾ ملي ٿو مجموعي طور کنڊ جو ڪٽو 600 سو روپين تائين مهانگو ٿيڻ سبب کنڊ شهرن ۾ کنڊ جو ڪلو 90 روپيا ۽ ٻهراڙي ۾ ٻيهر 100 روپيا ڪلو تي پهچي وئي آهي جڏهن ته کائڻ وارو تيل پڻ 50 روپيا في ليٽر تي مهانگو ٿي ويو آهي 190 روپيا واري تيل جو پائوچ 240 روپين ۾ ملڻ لڳو آهي جڏهن عام ڪمپنين جو 16 ليٽر وارو ٽن3300 سو روپين مان وڌي 4000 هزار کان 4200 سو روپيا تائين پهتو آهي جڏهن ته مرغي جو گو شت 300 روپيا ڪلو مان وڌي 400 سو روپيا ڪلو ٿي ويو آهي ٻاڪرو گوشت 1000 ڪلو مڇي 300 مان وڌي 400 کان 500 سو روپيا ڪلو تي ملي ٿي جڏهن ته  خشڪ فروٽ پڻ رڪارڊ مهانگو ٿيو آهي  بادام  2500 روپيا ڪلو ، اکروٽ 1200 سو روپيا ڪلو  نيزا 1800 سو روپيا ڪلو پسٽه نمڪين 2000 هزار وپيا ڪلو ، ڪاجو 2900 سو روپيا ڪلو بيدا 240 روپيا درجن  سنڌي بيدا 500 سو روپيا درجن  فروٽ ۽ سبزي جي ريٽ ۾ به اضافو ٿيو آهي ٽماٽا 120 روپيا ڪلو ، پيز 200 روپيا ڪلو ، بيهه 100 روپيا ڪلو ،ساوا مرچ 170 روپيا ڪلو موسمي 100 روپيا ڪلو ، صوف 200 سو روپيا ڪلو ، ڪيلا 100 روپيا درجن  ٻئي پاسي هلندڙ هفتي دورران کنڊ ۽ کائڻ واورو تيل مهانگو ٿيڻ بعد منافي خور واپارين ۽ دڪاندارن کنڊ اسٽاڪ ڪرڻ شروع ڪئي آهي جنهن سبب کنڊ جو ٻيهر بحران پيدا ٿي سگهي ٿو ،

پهنجو تبصرو موڪليو