تعليمي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ لاءِ ريليون

تعليمي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ لاءِ ريليون

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي ) 08 جنوري تعليمي ڏهاڙي جي مناسبت سان پوري سنڌ جيان دادو ۾ به چائلڊ رائيٽس موومينٽ سنڌ، سي آر سي دادو ۽ ڪرين دادو جي سڏ تي ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، سول سوسائيٽي جي نمائندن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سي آر سي دادو آفيس کان مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، اڳواڻن پ ٽ الف صدر عنايت علي جمالي، پروفيسر محمد عرفان ڪلهوڙو، نياز چانڊيو، ساجد مستوئي، محمد وسيم کوکر، صداقت علي سومرو، راجا رفيق پنهور، محمد هاشم چارڻ، احمد خان ملاح، غلام حيدر سومرو، حامد علي لغاري، جهنڊو خان ٻٻر، منظور چانڊيو ۽ ٻين چيو ته پاڪستان جي ترقي لاءِ ٻارن جي تعليم انتهائي ضروري آهي آئين جي آرٽيڪل 25 اي تحت حڪومت هر ٻار کي مفت ۽ معياري تعليم ڏيڻ جي پابند آهي پر ان باوجود دادو ضلعي ۾ تعليمي صورتحال بدتر ٿيندي پئي وڃي ضلعي ۾ 2229 اسڪولن مان 450 اسڪول مڪمل طور بند آهن، 99 اسڪول وقتي طور بند ٿي ويا آهن،450 اسڪولن مان 198 اسڪول صرف تعليم کاتي جي ڪاغذن ۾ آهن انهن اسڪولن جو ڪوبه نالو نشان نه آهي، هنن چيو ته اسڪولن ۾ شاگردن جو ڊراپ آئوٽ ريشو تيزي سان وڌي رهيو آهي، گذريل 3 سالن دوران ضلعي جي سرڪاري اسڪولن ۾ پرهندڙ اڍائي لک ٻارن مان 36 هزار ٻار اسڪولن مان اڌ ۾ تعليم ڇڏي ويا آهن جڏهن ته ضلعي ۾ اڳ ئي سوا لک ٻار تعليم کان محروم آهن جيڪي سڌي اڻ سڌي ريت جبري پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن، هنن چيو ته سنڌ سرڪار تعليم کي بهتر ڪرڻ لاءِ دعوائون ته ڪري ٿي پر بهتري ڪٿي به نظر نه پئي اچي سالن کان سرڪاري اسڪولن ۾ سهولتن جي اڻهوند آهي، ضلعي جي سرڪاري اسڪولن مان 521 اسڪولن کي بائونڊري وال نه آهي، 375 اسڪولن ۾ واش روم نه آهن، هن جديد دور ۾ به 755 اسڪول بجلي کان محروم آهن 372 اسڪولن ۾ فرنيچر جو نالو نشان نه آهي جڏهن ته سوين اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ آهي جنهن سبب 98 هزار کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا پٽ تي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن، هنن چيو ته افسوس جهڙي ڳالهه آهي سڄي ضلعي اندر پرائمري اسڪولن مان سوئيپرن جو پوسٽون ختم ڪيون ويون آهن جنهن کي بحال ڪري اسڪولن ۾ صفائي جو عمل بهتر ڪيو وڃي، هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته تعليمي ادارن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ کي جلد کان جلد ختم ڪري بند پيل اسڪولن کي کولرائي، اڌ ۾ رهيل اسڪولن جو تعميراتي ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرائي، تعليم کان محروم هزارين ٻارن کي آرٽيڪل 25 اي تحت اسڪولن ۾ داخل ڪري تعليم ڏياري استادن جي کوٽ ختم ڪئي وڃي، موجوده وقت ۾ ڪرونا وائرس جي ڪري هر اسڪول اندر هينڊ واش ۽ سينيٽائيزر فراهم ڪيا وڃن،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو