اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻن نون ايڊيشل ججن جسٽس طارق محمود جهانگيري ۽ جسٽس بابر ستار حلف کڻي ورتو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻن نون ايڊيشنل ججن پنهنجي عهدن جو حلف کنيو. حلف کڻندڙن ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري ۽ جسٽس بابر ستار شامل آهن.جسٽس طارق محمود جهانگيري ۽ جسٽس بابر ستار کان چيف جٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حلف ورتو. ٻنهي ججن کي هڪ سال جي لاءِ ايڊيشل جج مقرر ڪيو ويو آهي.










