پاڪستان ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 58فوت 3 هزار نوان ڪيس

پاڪستان ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 58فوت 3 هزار نوان ڪيس

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 58 مريض فوت ٿي ويا ۽ فوت ٿي ويلن جو ٽوٽل انگ 8 هزار 361 ٿي ويو آهي.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽراين سي او سي موجب ڪورونا جا وڌيڪ 3 هزار 308 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن کان پوءِ متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ 4 لک 16 هزار 499 تائين پهچي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جا 3 لک 55 هزار 12 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ 53 هزار 126 علاج هيٺ آهن.ڪورونا سبب سڀني کان وڌيڪ فوتگيون پنجاب ۾ ٿيون آهن جتي 3 هزار 162 مريض حياتيون وڃائي چڪا آهن. سنڌ ۾ 3 هزار 11، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار 404، اسلام آباد ۾ 340،گلگت بلتستان ۾ 98، بلوچستان ۾ 169 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 177 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن. اسلام آباد ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 32 هزار 414، خيبرپختونخواهه ۾ 49 هزار 220، سنڌ ۾ هڪ لک 82 هزار 473، پنجاب ۾ هڪ لک 22 هزار 955، بلوچستان ۾ 17 هزار 440، آزاد ڪشمير ۾ 7 هزار 278 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 719 ڄڻا ڪورونا سبب متاثر ٿي چڪا آهن.سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 7.9 ٿي وئي آهي. ڪراچي ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 17.39 سيڪڙو آهي. اين سي او سي موجب حيدرآباد ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 18.43 سيڪڙو ٿي وئي. آزاد ڪشمير ۾ 10.83 سيڪڙو، بلوچستان ۾ 11.62، گلگت بلتستان ۾ 2.68، اسلام آباد 6.16، خيبرپختونخواهه 11.29 ۽ سنڌ ۾ 11.47 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.اين سي او سي موجب پنجاب ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 4.42 آهي. لاهور ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 5.47، راولپنڊي ۾ 11.26 سيڪڙو ٿي وئي. پشاور ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 16.2، ڪوئٽه ۾ 6.19 ۽  ميرپور ۾ ڪيسن جي شرح 22 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو