پوليس آپريشن ۾ 9 ڏينهن اڳ زخمي ٿيل ڌاڙيل فوت

غوثپور (عبدالنبي ملڪ) غوثپور ڪچي واري علائقي دراني مھر پوليس ٿاڻي جي حد  ڪچي واري علائقي ۾  9 ڏينهن اڳ 3  مغوين جي بازيابي لاء ضلعي ڪشمور جي پوليس پاران ڪيل بدنام ڏوهاري جيئند جاگيراڻي تي آپريشن ڪيو ھو. آپريشن دوران زخمي ٿيل جاگيراڻي گينگ جو هڪ وڌيڪ ڏوهاري ميرو عرف ميران بخش جاگيراڻي زخمن جا سور نه سنهدي فوت ٿي ويوهن جي مرڻ کانپوءِ مارجي ويلن جو انگ وڌي 5 ٿي ويو آهي ۔ ھڪ ھفتو اڳ مغوين جي بازيابي لا۽ ڪيل پوليس آپريشن ۾ ڪشمور پوليس کي وڏي ڪاميابي ملي ھئي آپريشن دوران پوليس ڪچي ۾ آپريشن ڪري 13 ورھين جي نينگري سائرا شيخ، 15 ورھين جو ھزارو شيخ 60ورھين جي ڊرائيور غلام حسين ميراڻي سميت 3 مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو ھو . دراني مھر پوليس جي حد ۾آپريشن پوليس 5ڪلاڪن جي  مقابلي بعد 3 بدنام ڏوھارين ۽ ھڪ عورت سميت چئن ڄڻن کي ماريو ڇڏيو هو. پوليس مقابلي ۾ ڏوھارين جا 4 ساٿي به زخمي ٿيا جن مان ھڪ جاگيراڻي گينگ جو ڏوھاري ميرو عرف ميران بخش زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي

.

پهنجو تبصرو موڪليو