حريم شاهه ۽ صندل خٽڪ خلاف چوري ڪيس جي درخواست رد

لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور  جي سيشن ڪورٽ ٽڪ ٽاڪ اسٽار صندل خٽڪ ۽ حريم شاهه خلاف چوري جو ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ايڊيشنل سيشن جج شهري محمد نعيم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ درخواستگذار طرفان الزام لڳايو ويو هو ته ٻنهي ٽڪ ٽاڪ  اسٽار منهنجو سامان چوري ڪيو آهي.ان کانپوءِ ماڊل ٽائون پوليس عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ٽڪ ٽاڪ اسٽارز جي خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ انهن وٽان ڪوبه چوري جو سامان هٿ نه آيو آهي.عدالت پوليس جي رپورٽ بعد اها درخواست خارج ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو