سنڌ جي شعور کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف مارچ جاري

مقصودورند (ن سنڌيار)کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ڪراچي کان سنڌ سڀا جي سرواڻ انعام سنڌي جي سرواڻي ۾ نڪتل پيادل لانگ مارچ مقصودورند پريس ڪلب پهتو. جتي سنڌ سڀا جي سرواڻ سنڌي انعام، وائس آف مسنگ پرسنز جي ڊپٽي ڪنوينر سنڌو امان چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هي 23 هون ڏينهن آهي جو اسان ڪراچي کان سنڌ جي شعور کي کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ پيادل مارچ جاري رکيو آهي. سنڌ جي شعور کي اهڙي طرح گم ڪرڻ سراسر ناانصافي ۽ غير قانوني آهي. سنڌ جي هر فرد کي اسان سان هن آواز ۾ هم آواز ٿيڻ گهرجي. سنڌ جي سياسي، ادبي ۽ سماجي تنظيم کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي لانگ مارچ ۾ شامل مسنگ پرسنز جي فيمليز انصاف دايو جي ڀيڻ اقصيٰ دايو، عاقب چانڊيو جي ڀيڻ شازيه چانڊيو، مرتصي جوڻيجو جي ڌيءَ پارس جوڻيجو، ايوب ڪانڌڙي جو پٽ ساجد ڪانڌڙو، نسيم بلوچ جي مڱيندي حاني بلوچ، محمد فيصل آرائين جي امڙ بشيران آرائين، فتح محمد کوسو جي پٽ نصيب کوسو، لالا عمران جو ڀاءُ لال اسد، فقير اعجاز ڳاهو جو ڀاڻيجو فقير ايس ڪي ڳاهو ۽ ٻين پڻ پنهنجي پيارن جي جبري گمشدگي تي ڏک جا داستان ٻڌايا ۽ سندن پيارن جي آزادي جي گهر ڪئي. لانگ مارچ ۾ ڀرپاسي جي سوين سنڌ دوست ۽ سڄاڻ ڌرين شرڪت ڪئي ۽ سندن جذبي ۽ همت جي ساراهه ڪئي. هن پيادل مارچ جي منزل راولپنڊي وارو فوجي هيڊ ڪوارٽر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو