سليڪٽيڊ بدران قوم ۽ پارليمان کي مضبوط ڪريو، مولانا

ملتان(ويب ديسڪ) پي ڊي ايم جي قائد مولانا فضل الرحمان ملتان جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته رڪاوٽن جي باوجود اوهان جلسو ڪامياب ڪيو آهي اوهان کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته ملتان جو جلسو روڪڻ خلاف جمعي ۽ آچر تي ملڪ ڀر ۾ احتجاج ڪيو ويندو. هن چيو ته هي سليڪٽڊ ۽ ناجائز حڪومت آهي، جنهن مهانگائي سبب ماڻهن جا گهر اجاڙيا آهن اسين عوام جو آواز آهيون. هن چيو ته ڪالهه ڪشمير مودي حوالي ڪيو اڄ فلسطين يهودين حوالي پيو ڪرين، اسين سچ چيو هو ته هي يهودين جو ايجنٽ آهي. هن چيو ته اسين هاڻي لاهور وينداسين ۽ لاهور جو جلسو حڪومت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو ۽ ان بعد اسلام آباد جو رخ ڪنداسين ۽ عوام جي ووٽ جي عزت بحال ڪنداسين. هن چيو ته قوم کي مضبوط ڪريو، پارليمان کي مضبوط ڪيو، ملڪي ادارن کي مضبوط بڻايو. مولانا اوچتو پنهنجي تقرير مختصر ڪئي. بلاول ڀٽو عين وقت تي تقرير نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اعلان ڪيو ويو ته هو لاهور ۾ ڀرپور خطاب ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو