ڪچي ۾ پوليس آپريشن، 3 ڌاڙيلن سميت 4 قتل 5 زخمي

غوثپور (رپورٽ عبدالنبي ملڪ)دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ ٽن مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس آپريشن دوران ڌاڙيلن سان مقابلو، 3 ڏوھاري ۽ بدنام ڌاڙيل جيئند جاگيراڻي جي زال مارجي ويا آهن. جن ۾ بدنام ڏوھاري شمشو جاگيراڻي، اياز جاگيراڻي، علي بخش جاگيراڻي شامل آهن. پوليس ۽ ڏوهارين وچ جديد ھٿيارن سان فائرنگ جو سلسلو ھلندڙ آهي، علائقي ۾ خوف ڇائنجي ويو آهي.

Police operation against Dacoits, Photo Sindhyar

ايس ايس پي امجد شيخ موجب جيئند جاگيراڻي جي ڪوٽ جو پوليس گهيراءُ ڪيو آهي.دراني مھر پوليس ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي بدنام ڏوهاري جيئند جاگيراڻي تي ضلعي ڪشمور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري جو ڪڙو جاري آهي. پوليس ڳوٺ جيئند جاگيراڻي تي آپريشن تي پھچڻ تي ڏوھارين پوليس کي ڏسي جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪئي. پوليس جوابي فائرنگ ڪري ڏني، ڏوهارين فائرنگ ۾راڪيٽ لانچر به استعمال ڪيا. پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ 2 ڪلاڪ جديد ھٿيارن سان فائرنگ جو سلسلو ھلندو رهيو فائرنگ جي نتيجي ۾ ڏوھاري 28 ورھين جو شمشو جاگيراڻي پٽ راحب جاگيراڻي ٿڏي تي مارجي ويو. ڏوھارين جو پوليس گھيرو تنگ ڪرڻ تي ڏوھاري ڪچي ۾ سنڌو درياھ طرف فرار ٿي وڃڻ ۾ڪامياب ٿي ويا.

Police operation against Dacoits, Photo Sindhyar

پوليس ڏوهارين جا 20 کان وڌيڪ ڍور به ڪاھي آئي آهي. ياد رهي ته آپريشن 3 مغوين جي بازيابي لاءِ ڪيو پيو وڃي 16 ڏينهن اڳ جنگڻ پوليس ٿاڻي جي حد مان 13 ورھين جي نينگري سائرا شيخ، 15 ورھين جو ھزارو شيخ ۽ پڪ اپ ڊرائيور غلام ميراڻي کي ھٿيار بند اغوا ڪري ويا هئا مغوين جي بازيابي لاءِ ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ جي حڪم تي ڊي ايس پي علي بخش ڍڪڻ جي اڳواڻي ۾ آپريشن ڪيو ويو آهي.

Police operation against Dacoits, Photo Sindhyar

پهنجو تبصرو موڪليو