آءِ جي سنڌ جي اغوا بابت درخواست عدالت پاران واپس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آءِ جي سنڌ جي اغوا واقعي تي ڪميشن جوڙڻ واري درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار پنهنجي اعتراضن ۾ چيو آهي ته درخواست گذارن سپريم ڪورٽ کان اڳ ڪنهن به لاڳاپيل فورم سان رابطو ناهي ڪيو، درخواست ۾ واضح ناهي ته آءِ جي سنڌ جو اغوا ڪهڙي ريت عوامي نوعيت جو معاملو آهي، درخواست ۾ استعمال ٿيل ٻولي به شڪي آهي، هڪ ئي درخواست ۾ کوڙ استدعائون ڪيون ويون آهن. ياد رهي ته انساني حقن جي ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين آءِ اي رحمان، انيس هارون، جبران ناصر سميت ٻين طرفان گڏيل طور سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي، درخواست ۾ آءِ جي سنڌ جي مبينا اغوا معاملي جي جاچ لاءِ آزاد ڪميشن جوڙڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي. درخواست گذارن جو چوڻ هو ته 19 آڪٽوبر تي فجر مهل سنڌ جي آءِ جي کي رينجرز اهلڪارن مبينه طور اغوا ڪيو هو ۽ کانئس ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري جو حڪم جاري ڪرايو هو. ان واقعي پاڪستان جا بنياد ڌوڏي ڇڏيا آهن، رينجرز، انٽيلي جنس ادارن جي قانوني اختيارن جو تعين ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو