پشاور(ويب ڊيسڪ) ڳتيل آبادي واري دير ڪالوني ۾ واقع مدرسي ۾ زوردار بم ڌماڪي سبب7 ڄڻا شهيد 110 زخمي آهن، آءِ جي خيبر پختونخواهه ثناءَ الله عباسي 7 ڄڻن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي فوتين ۾ ڪو به ٻار شامل ناهي. شهيد ٿيلن ۾ 20 کان 35 سالن جي عمر جا ماڻهو شامل آهن.
مسجد ۽ مدرسو گڏوگڏ آهن ۽ صحن م جنهن جاءِ تي بم ڌماڪو ٿيو آهي اٽي کڏو ٿي ويو آهي. سيڪورٽي وارن تلاشي شروع ڪئي آهي، بم ڊسپوزل اسڪواڊ وارن جو چوڻ آهي ته هي ريموٽ ڪنٽرول يا ٽائيم بم جو ڌماڪو آهي. ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي. عيني شاهدن موجب پوليس ڌماڪي کان ڪجهه دير اڳ علائقي ۾ ڇيڪنگ شروع ڪئي هئي، پوليس موجب هڪ مشڪوڪ شخص آيو جيڪو ٿيلهو رکي هليو ويو ۽ ڪجهه دير بعد ڌماڪو ٿيو. ان وقت مدرسي ۾ درس جاري هو، مدرس بچي ويو آهي. بارودي مواد سان بال بيئرن ۽ ڪوڪا زور سان ڦهلجي ويا، مدرسي جي ڇت ۾ سورزخ تي ويا آهن ڄڻ ڪنهن برسٽ هنيو هجي. ڪاروائي منظم گروهه جي واردات آهي. ڌماڪي وقت 1000 جي لڳ ڀڳ ماڻهو موجود هئا. ڌماڪيدار مواد 5 ڪلو جي لڳ ڀڳ هو.