عمران هاڻي سليڪٽڊ مان رجيڪٽڊ بڻجي ويو آهي، راجا

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو ته اڳ ۾ عمران خان سليڪٽڊ هو هاڻي رجيڪٽڊ آهي. جيڪو خاتم النبيين نٿو چئي سگهي اهو مديني جي رياست جي ڳالهه ٿو ڪري. هي ڪوڙو آهي، هڪ ڪروڙ نوڪرين جو آسرو ڏئي عوام کان ماني به کسي ورتي آهي. هن چيو ته هي عوامي جلسو ته ڏسو، هي خلق ڏسو، تون ته چيو هو ته چند ماڻهن به گو عمران گو جو نعرو هنيو ته گهر هليو ويندين، هي خلق مخلوق ڏس سڀ چون ٿا گو عمران گو. هن چيو ته بلاول ڀٽو جنهن اي پي سي جي ميزباني ڪري پي ڊي ايم ٺهرايو ان بابت ڪوڙي پروپيگنڊه ڪئي پئي وڃي ته هو ڪوئٽا جلسي ۾ شريڪ ناهي. ڊاڪٽر عبدالمالڪ چيو ته ايجنسين کي سياسي مداخلت بند ڪرڻي پوندي، اسانجو وڏو مسئلو لاپتا ماڻهن جو آهي، هاڻي ته آءِ جي به اغوا پيا ٿين. هن چيو ته بلوچ برطانوي راڄ خلاف وڙهيا ته هي ڪير ٿيندا آهن جيڪي سمجهن ٿا ته اسين ڊڄي وينداسين. هن چيو ته آئين ۾ لکيل آهي ته وفاقي نوڪرين ۾ سڀني صوبن کي نوڪري ملندي پر بلوچستان کي حق بناهي مليو، اسانجي صوبي کي ڪا سيٽ ملي به ٿي ته اها ڊوميسائيل کي ملي ٿي بلوچ کي نٿي ملي، فارين سروس اسان لاءِ شجر ممنوعه آهي. قدرتي وسيلا اسان وٽ آهن پر اسانجو نوجوان بيروزگار آهي. هن چيو ته وفاق جو اڃا پيٽ ناهي ڀريو، سنڌ ۽ بلوچستان جيٻيٽن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، ٻيٽ اسانجو اٽوٽ انگ آهن. سيپيڪ ۾ 93 سيڪڙو چين جو آهي 7 سيڪڙو وفاق جو آهي، بلوچستان کي ڪجهه ناهي مليو. هن چيو ته پنجاب حڪومت بلوچ نوجوانن جون سيٽون ختم ڪيون مان مريم جو شڪر گذار آهيان جنهن احتجاج ڪندڙن سان همدردي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو