پ ٽ الف جي تعلقي جي چونڊ، پولنگ مڪمل نتيجا شروع

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ پ ٽ الف طرفان 27 سالن کانپوءِ تعلقي سطح تي ٿيندڙ اليڪشن لاءِ پولنگ جو عمل سڃي سنڌ ۾ مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي. ووٽنگ جو عمل شام 5 وڳي تائين جاري رهيو. حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر، ميرپور خاص، بينظير آباد ڊويزنن جي سمورن ضلعن جي تعلقن ۾ چونڊ عمل منعقد ڪيو ويو. استادن جي تنظيمن جا مختلف پئنلز جا اُميدوار ميدان تي لٿل، ووٽن جي ڳڻپ بعد ڪامياب اُميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو ويندو. ٺل مان عبدالنبي شيخ موجب پ ٽ الف جي اليڪشن نوناري پينل 653 ووٽ کڻي ڪامياب،خوشي ۾ ريلي۔ڀٽائي پينل 266۽ فخر استاد پينل 23 ووٽن کڻي هارائي ويا۔خبر موجب ٺل ۾ پ ٽ الف جي اليڪشن مهم هڪ مهينو اڳ شروع ٿي هئي جنهن ۾ استادن سان گڏوگڏ سياسي ڌرين جي اڳواڻن پڻ استادن جي اليڪشن ۾ زور آزمائي ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو