پوليس پاران مقابلي ۾ چور مارڻ جي دعويٰ، والد پاران رد

خانپورمهر(رپورٽ آفتاب سيال)پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ هڪ ڄڻي کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس پهرين مارجي ويل جي سڃاڻپ امداد مهر جڏهن ته ڪجهه دير بعد سندس سڃاڻپ مصطفي سميجو طور هجڻ جو اعلان ڪيو. خانپورمهر پوليس موجب ڀڙ واري علائقي ۾ چورن سان مبينا مقابلي دوران هڪ چور مارجي ويو آهي جنهن جي لاش کي پوليس شيخ همدان بن محمد اسپتال پهچايو جنهن بعد ايس ايس پي گهوٽڪي جي پي آر او پريس رليز جاري ڪئي جنهن ۾ مارجي ويل چور جي سڃاڻپ امداد مهر طور ڪئي وئي جڏهن ته ڪجهه دير بعد پوليس پنهنجي پريس رليز تان ڦري وئي ۽ مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ جهانپور واسي مصطفي سميجو طور ڪئي آهي. پوليس مارجي ويل شخص جي والد کي وٺي لاش کڻي اسپتال پهچايو آهي جتي ڪاغذي ڪاروائي بعد لاش سندس حوالي ڪيو ويو. مارجي ويل مصطفي سميجو جي والد ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليس منهنجي پٽ کي کنڀي رات ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو آهي منهنجي پٽ کي چار ٻارڙا ھئا جنهن مان ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون پڻ آهن ھن چيو ته مونسان ظلم ٿيو آهي انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو