اسلام آباد ۾ اليڪٽرڪ بائيڪ سروس شروع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بهتر سفري سهولت لاءِ پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ بائيڪ رائيڊنگ جي سهولت متعارف ڪرائي وئي آهي. اسلام آباد جي اسٽارٽ اپ ڪمپني رومر ٽيڪناولجيز جاز ايڪس ايل آر 8 جي تعاون سان ‘ايز بائيڪ’ نالي منفرد اليڪٽرڪ بائيڪ رائيڊنگ سروس شروع ڪئي آهي.

Screen shot

ابتدائي طور آزمائشي سروس جو 14 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ افتتاح ڪيو ويو ۽ ڪامياب تجربي بعد اها ٻين شهرن م به شروع ڪئي ويندي. افتتاحي تقريب ۾ سائنس ۽ ٽيڪناولجي واري وزير فواد چوڌري ۽ آءِ ٽي جي وزير امين الحق به شرڪت ڪئي. اسلام آباد ۾ 5 روپيا في منٽ ڪرايو وصول ڪيو ويندو. هي ماحول دوست ۽ تيل جي خرچ کان آجي سروس آهي. دنيا جي 88 شهرن ۾ هڪ لک کان مٿي بائيڪس هلي رهيون آهن، ڀارت جي مختلف شهرن ۾ 50 هزار بائيڪس هلن پيون. پاڪستان ۾ ڪريم ۽ اوبر جي طرز تي هي سروس شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو